اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي اي 69 هزار غيرقانوني سمون بند ڪري ڇڏيون. ترجمان موجب رد ٿيل ۽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊن تي جاري سمون بلاڪ ڪيون ويون، سمون 16 آگسٽ جي ڊيڊ لائن گذرڻ کانپوءِ بلاڪ ڪيون ويون، سڄي ملڪ ۾ رد ٿيل ۽ جعلي سڃاڻپ ڪارڊن تي جاري سمون بلاڪ ڪيون ويون، اهڙا واهپيدار سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرائي سمون بحال ڪرائين. وڌيڪ سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
-
پري پيڊ ميٽر فراهم ڪرڻ جي تجويز،بجلي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪنداسين:اويس لغاري
ملتان ( م ڊ ) توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته بجلي صارفين کي پري پيڊ ميٽر فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي،ميپڪو هيڊڪوارٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اويس لغاري چيو ته اسان نون بورڊن ذريعي ڪمپني ۾ ڪسٽمر کي بهتر عزت ڏينداسين، اسان جي سسٽم ۾ جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو به نوڪري لاءِ فون ڪندو ته ان کي تڪڙو جواب ملندو.توانائي واري وزير چيو ته ڊسڪوز کي ڪنهن کي رکڻ يا برطرف ڪرڻ جو حق هوندو، اسان نتيجو چاهيون ٿا، جڏهن ته پنجاب حڪومت طرفان ڏنل رليف تي پاور ڪمپنين کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته ون يونٽ جي به خرابي برداشت نه ڪئي ويندي.هن چيو ته بجلي جي چوري رياست ۽ عوام لاءِ قبول ناهي، هن سال چوري جي نقصان کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ميپڪو ريجن ۾ 15.6 سيڪڙو بجلي چوري کي ختم ڪرڻ جو هدف آهي، ڪمپنيون بجلي چوري ختم ڪن. اويس لغاري چيو ته پنجاب حڪومت صارفين کي 200 کان 500 يونٽن تائين 45 ارب رپين جو رليف ڏنو آهي، جيڪو عوام تائين پهچايو ويندو، وياج جي شرح گهٽ ۽ رپيو مستحڪم ٿي رهيو آهي، ان سان ظرف جي ادائيگي تي فرق پوندو، جنهن ۾ هڪ سال اندر بجلي جا اگهه گهٽجي ويندا. توانائي واري وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته بجلي صارفين کي پري پيڊ ميٽر فراهم ڪرڻ گهرجن.
-
پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي اجلاس مان واڪ آئوٽ
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) تحريڪ انصاف سميت مخالف ڌر قومي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. اپوزيشن ليڊر عمر ايوب به واڪ آئوٽ جو پيغام جاري ڪندي حڪومتي رويي جي مذمت ڪئي آهي.عمر ايوب چيو ته اسان تازو دهشتگردي ۽ ختم نبوت ڪيس تي بحث ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان کي انهن اهم معاملن تي بحث ڪرڻ کان روڪيو ويو، جيڪڏهن حڪومت عوام جو آواز نه ٻڌو ته ملڪ ۾ لاقانونيت وڌي ويندي.هن چيو ته رحيم يار خان ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت پوليس آفيسرن جي غفلت آهي، آءِ جي پنجاب ۽ ڊي جي آپريشنز پوليس کي استعمال ڪري رهيا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا هڻي پوليس کي استعمال ڪيو پيو وڃي. ڌاڙيلن کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس کي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي..
-
ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس سان حادثو، 3 ڄڻا فوت، 48 زخمي
تهران ( م ڊ ) ڏکڻ ايران ۾ پاڪستاني زائرين کي کڻي ويندڙ بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر دوران 3 ڄڻا فوت ۽ 48 زخمي ٿي پيا.پرڏيهي خابرو اداري موجب پاڪستانيزائرين اربعين ۾ شرڪت لاءِ ايران کان عراق وڃي رهيا هئا.ايراني نيوز ايجنسي موجب فارس صوبي جي نيرز ۽ ڪرمان صوبي جي سرجان وچ ۾ مين روڊ تي بس جو ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 48 ڄڻا زخمي ۽ ٽي زائرين فوت ويا. اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته بس ۾ ڪيترا ماڻهو هئا. فارس ٽريفڪ پوليس جي آفيسر جو چوڻ هو ته حادثو ٽيڪنيڪي خرابي ۽ ڊرائيور پاران گاڏي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪامي سبب پيش آيو.