رياست بلوچستان ۾ معصوم شهرين خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪري: ايڇ آر سي پي

لاهور(م ڊ) انساني حقن بابت ڪميشن ايڇ آر سي پي بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ شهرين تي وحشياڻي حملي جي سخت لفظن  ۾ مذمت ڪري ٿي، جنهن ۾ شدت پسندن 23 مسافرن کي سندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ کان پوءِ گاڏين مان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي. بلوچستان جي مسئلن جي حل ۾ خاص ڪري غير مسلح ماڻهن خلاف تشدد جي ڪا به گنجائش نه ٿي رکي سگهجي.جڏهن ته اسان صوبي ۾ منظم باغين پاران تشدد جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، پر ان ڳالهه کي ورجايو ٿا ته رياست کي بلوچستان ۾ رهندڙ معصوم شهرين خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.