بلوچستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ قرار

لاهور (عمران شفقت): بلوچستان ۾ 23 پنجابي مسافرن کي سڃاڻپ کانپوءِ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. بي ايل اي انهن واقعن جي ذميواري قبول ڪئي آهي. اهو واقعو پاڪستان ۽ پنجاب خلاف نفرت جو اظهار آهي. اهو عام بلوچ جو ڪم ناهي، اهو بي ايل اي جو ڪم ڪيو آهي. اهو مسئلو اڄ جو ناهي، بلوچن جو مسئلو نوروز خان کان وٺي هلي رهيو آهي. ايوب خان هن سان واعدا ڪيا، قرآن تي قسم کنيا، پوءِ به کيس ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. هن مسئلي ۾ ملڪي رياست جون گهڻيون غلطيون آهن، ان جو قصور آهي ۽ ان رياست تي اسٽيبلشمنٽ جو قبضو آهي ۽ عدليه ۽ سياستدان ان جا  سهولتڪار بڻجي ويا.  اسٽيبلشمينٽ بلوچن جي مسئلن جو ازالو نه ڪري سگهي. هاڻي معاملو منجهي ويو آهي. بلوچن جي محرومين کي بي ايل اي ايڪسپلائيٽ ڪري رهي آهي ۽ بي ايل اي کي پاڪستان جا دشمن ايڪسپلائيٽ ڪري رهيا آهن. اهي فوج جو انتقام عام پنجابين کان وٺي رهيا آهن. اهو مسئلو سردار اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ وڌيو آهي، جنهن 19 سال اڳ 2 جنوري 2005 ۾ سئي گئس جي پلانٽ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ بلوچ ڊاڪٽرياڻي شازيه خالد کي فوج جي هڪ ڪئپٽن زيادتيءَ جو نشانو بڻايو هو. اڪبر بگٽي ۽ ٻين بلوچن ان ڪئپٽن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پر ادارن مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪندي ڊاڪٽر شازيه کي پرڏيهه موڪلي ڇڏيو. جنهن کانپوءِ بلوچن مزاحمت مزاحمت شروع ڪئي ۽ 26 آگسٽ 2006 تي اڪبر بگٽيءَ کي فوجي آپريشن ۾ شهيد ڪيو ويو. بگٽيءَ جي شهادت بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ ۾ روح ڦوڪيو. سندس ورسيءَ جي موقعي تي بي ايل اي بلوچستان کي نو گو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي. بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ جي ذوالفقار علي ڀٽي، آصف زرداري ۽ نواز شريف حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. باقي سڀ ڏوهاري آهيون. بلوچستان جي سرزمين تي بلوچن جو حق تسليم ڪرڻ سان سمورو مسئلو حل ٿي ويندو. بلوچستان ۾ محروميون آهن، اتان جيڪي ذخيرا نڪرن ٿا انهن ۾ سندن حصو نه هجڻ تي هو سوال ڪن ٿا، اتي اداري جو ورهين کان قبضو آهي، اتان جا ماڻهو مطمئن نه آهن.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 27 آگسٽ 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.