ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته ۽ مواصلاتي نظام به ڊانوان ڊول ٿي ويو.
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.
ڪلفٽن، ڊفينس، ڪورنگي، گلستان جوهر، گلشن اقبال، ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، نارٿ ڪراچي، اسڪيم 33، سعدي ٽائون، جيل چورنگي ۽ پي اي سي ايڇ ايس سميت مختلف علائقن ۾ برسات پئي.
ملير، گلشن معمار، احسن آباد، محمود آباد ۽ منظور ڪالوني ۾ به برسات پئي.
نوري آباد ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ برسات دوران ڳوٺ موندر پالاري ڀت ڪرڻ سبب پورهيت جون 15 کان وڌيڪ ٻڪريون دٻجي مري ويون.
موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي زوردار سسٽم جي اثر هيٺ برساتن جو سلسلو 31 آگسٽ تائين جاري رهندو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 27 کان 31 آگسٽ تائين گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، ٻيو اسپيل سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ شروع ٿيندو.
You might also like