پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اسيمبلي ميمبر عاطف خان ۽ شير علي ارباب کي پارٽي عهدن تان هٽائي ڇڏيو.
عاطف خان پي ٽي آءِ پشاور ريجنجو صدر ۽ شير علي ارباب پشاور ضلعي جو صدر هو.
عاطف خان جي جاءِ تي ارباب عاصم کي پي ٽي آءِ پشاور ريجن جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته عرفان سليم کي پي ٽي آءِ ضلعي پشاور جو صدر ۽ شهاب ايڊووڪيٽ کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته عاطف خان برطرف صوبائي وزير شڪيل خان جي حق ۾ بيان ڏنو هو جڏهن ته شير علي ارباب وزيراعلى تي اعتماد بابت اقرار نامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.
واضع رهي ته ان کان اڳ شڪيل خان جي حق ۾بيان ڏيڻ تي علي امين گنڊاپور قومي اسيمبلي ميمبر جنيد اڪبر جي فوڪل پرسن کي به عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو…….
You might also like