ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ اڄ کان 31 آگسٽ تائين تيز برساتن جو امڪان آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته وزيراعليٰ هائوس ۾ رين ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي، چوماسي جي برساتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار طرفان صوبي جي 30 ضلعن ۾ انچارج مقرر ڪيا ويا آهن.
هن چيو ته وڏي وزير سڀني وزيرن، صلاحڪارن ۽ ڊويزن جي ڪمشنرن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي، سمنڊ ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي، مهاڻا سمنڊ ۾ نه وڃن.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته مڪاني ادارن ۽ پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن سميت يوسي چيئرمينز ۽ لاڳاپيل انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
You might also like