گهوٽڪي ( ويب ڊيسڪ ) گهوٽڪي ضلعي جي شهر راونتي ۾ هٿياربندن نجي ٽي وي جي رپورٽر محمد بچل گهنڃو کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب، علائقي واسين جو موقف آهي ته صحافي بچل گهنڃو کي ڌاڙيلن قتل ڪيو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن بچل گهنڃو کي قتل ڪرڻ کانپوءِ فرار ٿي ويا، صحافي جو مڙهه اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
صحافي بچل گهنڃو جي قتل خلاف وارثن ميرپور ماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس ٻاهران احتجاج ڪندي جوابدارن جي ترت گرفتاري جو مطالبو ڪيو.
ٻئي پاسي سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ گهوٽڪي ۾ صحافي بچل گهنڃو جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته بچل گهنڃو جو قتل اظهار جي آزادي تي حملو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،