اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ريڪوڊڪ ۾ سعودي عرب طرفان اسي ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري وارو معاهدو هلندڙ هفتي ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته 80 ڪروڙ ڊالرز مان 65 ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري ۽ 15 ڪروڙ ڊالر چاغي ۾ ڊيولپمينٽ لاءِ خرچ ٿيندا.
ذريعن موجب، اسي ڪروڙ ڊالرز جي سيڙپڪاري جو معاهدو هلندڙ هفتي ٿيندو، سيڙپڪاري معاهدو طئي ٿيڻ آءِ ايم ايف ايگزيڪٽيو بورڊ کان قرض جي منظوري لاءِ مددگار ثابت ٿيندو جڏهن ته سعودي عرب جي سيڙپڪاري ۽ قرض رول اوور کانپوءِ چين به قرض رول اوور ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي اڄ ريڪوڊڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ توانائي وزارت جون اختياريون بريفنگ ڏينديون ۽ بريفنگ کانپوءِ حتمي منظوري لاءِ معاهدو ايندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.
ذريعن موجب، سعودي عرب مان سيڙپڪاري آڻڻ لاءِ سول ملٽري فورم ايس آءِ ايف سي ڪردار ادا ڪندي سيڙپڪاري جي رستي ۾ موجود رنڊڪون ختم ڪيون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ريڪوڊڪ ۾ سيڙپڪاري واري معاملي تي سعودي عرب سان گذريل اٺ مهينن کان ڳالهيون هلي رهيون آهن، سعودي عرب ريڪوڊڪ جي ايڪسپلوريشن ليز بلاڪ 6 ۽ بلاڪ 6 ۾ به سيڙڪاري ڪندو جڏهن ته سعودي عرب مان ريڪوڊڪ ۾ مجموعي سيڙپڪاري جو ڪاٿو ڏهه ارب ڊالر تائين لڳايو پيو وڃي.
You might also like