آئين ۽ پرچم جي انڪارين سان ڳالهيون نه ٿينديون، دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي آئين ۽ سبز هلالي پرچم کي قبول ڪرڻ وارن سان ڳالهه ٻولهه جا رستا کليل آهن پر دشمن سان نه ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون نه ئي نرم رويو اختيار ڪري سگهجي ٿو.
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪجهه ڏينهن دوران دهشتگردي جي واقعن ۾ اضافو ٿيو آهي، دهشتگردي جي تازن واقعن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ شهري ۽ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار پڻ شهيد ٿيا.
وزيراعظم چيو ته ڊيرا اسماعيل خان، ڪرڪ ۾ به معصوم شهرين کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگرد جو افغانستان ۾ نيٽ ورڪ آهي، سندن خلاف اثرائتا آپريشن پڻ ٿيا آهن.
سندس چوڻ هو ته بلوچستان ۾ دهشتگردي جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي، بلوچستان ۾ دهشتگردي جو مقصد ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ آهي، دهشتگردن بس مان لاهي معصوم ماڻهن کي شهيد ڪيو.
شهباز شريف چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي ترقي ۽ سي پيڪ جا منصوبا روڪڻ چاهن ٿا، دهشتگرد پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ چاهن ٿا، هاڻي دهشتگردي کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪ فوج کي سمورا وسيلا فراهم ڪيا ويندا.
وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي دشمنن کي سڃاڻڻو پوندو، پاڪستان جي آئين ۽ جهنڊي کي قبول ڪرڻ وارن سان ڳالهه ٻولهه جا رستا کليل آهن، دشمن سان نه ڳالهيون ٿينديون نه ئي نرم رويو اختيار ڪيو ويندو، تمام جلد بلوچستان جو دورو ڪري اتان جي صورتحال جو جائزو وٺندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.