عمران سان ملاقات لاءِ سهولتڪاري ڪندڙ هاڪاري ڪم ڪيو: اعظم سواتي

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اعظم خان سواتي چيو آهي ته عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات لاءِ جنهن به سهولتڪاري ڪئي اها  پاڪستان لاءِ هاڪاري عمل هو، سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي  پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ۾ ڪنهن به سهڪار ڪيو اهو پاڪستان لاءِ مثبت عمل هو.هن چيو ته اسان ان تاثر ۾ نه آهيون ته جلسو رد ڪرڻ سان اسان کي ڪا رعايت ملندي، اسان آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا.پاڪستان تحريڪ انصاف 22 آگسٽ جي اسلام آباد واري جلسي کي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ عمران خان هدايت ڪئي آهي ته 8 سيپٽمبر جو جلسو ڪنهن به صورت ۾ ملتوي نه ڪيو ويندو، جيڪو به ٿئي سو ٿئي.

  1. عمران خان  تي جيل ۾ تشدد ڪيو پيو وڃي : گڊ گورننس ڪميٽي

پشاور ( م ڊ ) پشاور: خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم ڪيل گڊ گورننس ڪميٽي جي ميمبر قاضي انور ايڊووڪيٽ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان تي تشدد ڪيو پيو وڃي.اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات جي حوالي سان قاضي انور چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ٿي هئي، پي ٽي آءِ جي باني اسلام آباد جلسو ملاقات ملتوي ڪئي هئي پر تاثر ڏنو پيو وڃي ته ملاقات ڪنهن جي درخواست تي ملتوي ڪئي وئي. قاضي انور ايڊووڪيٽ چيو ته گڊ گورننس ڪميٽي پي ٽي آءِ جي باني پاران جوڙي وئي آهي، ڪميٽي جو نالو تبديل ڪري پي ٽي آءِ اندروني احتساب ڪميٽي رکيو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.