جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر

ڪراچي (رپورٽر) گورنر هائوس ۾ وقتي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي حلف برداري تقريب ٿي.سنڌجي  گورنر ڪامران ٽيسوري وقتي چيف جسٽس کان حلف ورتو. ان موقعي تي  جسٽس جنيد غفار، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس ارشد خان، جسٽس اقبال ڪلهوڙو، جسٽس عمرسيال، جسٽس ڪي ڪي آغا ۽ جسٽس عدنان چوڌري سميت ٻيا جج موجود هئا. تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار سميت ٻين عهدايدارن شرڪت ڪئي. جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس شفيع صديقي جي پرڏيهه وڃڻ تي وقتي چيف جسٽس مقرر ٿيو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.