ڪراچي (محسن ٻٻر) ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ايف آءِ ايف سي تحت سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ پنجاب جي چولستان رڻ ۾ زمينون حاصل ڪيون پيون وڃن جنهن تي مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي ويندي ۽ ناڻو ڪمايو ويندو. زمينن جو 90 سيڪڙو حصو پنجاب مان حاصل ڪيو پيو وڃي آهي ۽ پاڻي جي سپلاءِ هن وقت پنجاب ۾ ئي سواليا نشان بڻجي وئي آهي. مقامي يا پرڏيهي سيڙپڪاري تڏهن ٿيندي جڏهن پاڻي ايندو. ان معاملي تي وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته سڄي پاڪستان ۾ کين 48 لک ايڪڙ زمين گهربل آهي، اها زمين گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت حاصل ڪئي ويندي. 8 لک 84 هزار ايڪڙ زمين اڳ ئي گرين پاڪستان انيشيئٽو کي ملي چڪي آهي جنهن کي نجي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري تحت آباد ڪيو ويندو. هڪ لک 5 سئو ايڪڙ زمين تي پوکي شروع ٿي چڪي آهي. گرين پاڪستان انيشيئيٽو لاءِ زمين حاصل ڪرڻ ۽ پوکي جي حوالي سان پاڻي جي انتظام بابت خانگي ۽ آمريڪي ڪمپني پاران هڪ ريسرچ پيپر به تيار ڪيو ويو آهي. ٻن ڪمپنين جي گڏيل ريسرچ پيپر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته چولستان ۾ 10 لک ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، جنهن لاءِ کين درياهه جو پاڻي گهرجي. درياهه جو پاڻي ستلج مان ٽن مهينن لاءِ ملي سگهندو پر اهو ڪافي ناهي، چناب درياهه مان به پاڻي کڻڻو پوندو. پروپوزل ۾ چيو ويو آهي ته چناب کان ستلج ۾ پاڻي آڻڻ لاءِ نئون ڪئنال ڪڍيو وڃي جڏهن ته بئراج به ٺاهيو ويندو. بهاولنگر وٽ ڪئنال، بلوڪي سليمان لنڪ ڪئنال کي ري ماڊل ڪيو ويندو، ٻيا ڪئنال به واڌو ٺهندا. ڪمپنين جي ريسرچ پيپر ۾ ڪجهه خدشا ڏيکاريا ويا آهن ته درياهه جو پاڻي ڪنهن جي حصي مان ويندو؟ ۽ نون ڪئنالن جي اجازت ارسا کان وٺڻي پوندي، ان تي انڊس ريور سسٽم کي شامل ڪرڻو پوندو، بيوروڪريسي کي ان ۾ شامل ڪرڻو پوندو، پاڻي جي برابري وارو معاملو اٿي سگهي ٿو ۽ پاڻي رڳو وقتي ملندو جڏهن ته اسان کي 24 ڪلاڪ پاڻي گهرجي. هنن صلاح ڏني آهي ته گرين پاڪستان انشيئيٽو ۾ هڪ سيڪشن رڳو پاڻي جي سپلاءِ تي هجي جيڪو پاڻي کي يقيني بڻائي. .