اسلام آباد (م ڊ) ايمنسٽي انٽرنيشنل پاڪستاني عملدارن کان ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي سستي، مانيٽرنگ ۽ سرويلنس ٽيڪنالاجي جياستعمال بابت مڪمل شفافيت جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ ايمنسٽي انٽرنيشنل عملدارن تي زور ڏيندي چيو ته هو هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته هو نگراني ۽ سرويلنس جي اهڙي نظام کي لاڳو نه ڪن جيڪو غير ضروري، غير مناسب ۽ عالمي انساني حقن جي ڀڃڪڙي هجي. نگراني جي نظام جون ٽيڪنالاجيز جيڪي انٽرنيٽ جي رفتار کي ڪنٽرول ڪن ٿيون ۽ مواد کي بلاڪ ڪن ٿيون انهن جي استعمال جي حوالي سان عملدارن جي غير شفافيت ڳڻتي جي ڳالهه آهي. وري وري نيشنل فائر وال سميت اهڙين ٽيڪنالاجين جو استعمال انساني حقن سان هڪ جهڙائي نٿو رکي.