ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ ڪچري جي ڍير مان هٿ آيل 12 ورهين جي نينگري جي پوسٽ مارٽم ۾ ان ڳالهه جي تصديق ٿي وئي آهي ته کيس زيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته گذريل رات ڪراچي جي علائقي صدر لڪي اسٽار وٽ ٻوري مان هڪ نينگري جو لاش مليو هو. پوليس موجب، ڇوڪري جي سڃاڻپ گنگا ولد هريچند جي نالي سان ٿي آهي، ڇوڪري جو تعلق باگڙي برادري سان آهي.ان حوالي سان پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه جو چوڻ آهي ته ابتدائي نتيجن ۾ جنسي زيادتي بعد قتل ڪرڻ جون نشانيون مليون آهن. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، لڳي ٿو ته نينگري کي قتل ڪرڻ کانپوءِ لاش اڇلايو ويو، ان کان علاوه وڏي وزير ۽ گورنر اختيارين کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوي به فوتي گنگا جي وارثن سان ملاقات ڪئي آهي.گورنر نينگري جي ماءُ کي انصاف جو يقين ڏياريو ۽ چيو ته جوابدار ڪيترو به طاقتور هجي سزا کان بچي نه سگهندو، شرمناڪ واقعو ڪندڙ جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو. سنڌ جي گورنر فوت ٿيل نينگري جي وارثن کي هڪ لک رپين جي مالي مدد ۽ والدين کي روزگار ڏيڻ جو پڻ يقين ڏياريو.