ڪربلا جي شهيدن جو چاليهو، ڪراچي مان ماتمي جلوس برآمد، سيڪيورٽي سخت

ڪراچي ( رپورٽر)  ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشتر پارڪ کان شروع ٿي پنهنجي روايتي رستن تان ٿيندو امام بارگاهه حسينيان ايرانيان کھارادر تي پهتو.جلوس جي رستن تي وڏين عمارتن تي اسنائپرز مقرر ڪيا ويا هئا. ڪنهن به اڻوڻندڙ ​​صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پڻ موجود هئي.مرڪزي ماتمي جلوس ۾ عزادارن سينا زني ۽ ماتم ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪيو، ماتمي جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ وڏي انگ ۾ پوليس اهلڪار ۽ رينجرز جا جوان مقرر ڪيا ويا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.