سڀاڻي ملڪ ۾ هڙتال: حڪمرانن کي بجلي اگهه گهٽائڻا پوندا: حافظ نعيم الرحمان

لاهور (م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته سڀاڻي ته سڄي ملڪ ۾ ڪامياب هڙتال ڪئي ويندي، حڪمرانن کي بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪرڻي پوندي، ٽيڪس ۽ انهن جون مراعتون ختم ڪرڻيون پونديون، عورتن کي به ملڪ گير ميمبر شب مھم جو حصو بڻايو ويندو 1 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ مهم ۾ عورتن جو ڪردار اھم ھوندو. جماعت اسلامي جي قومي ايجنڊا ۾ عورتن کي وراثت جو حق، نياڻين جي تعليم ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ  اولين ترجيح  آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ جماعت اسلامي عورت ونگ جي ضلعي ۽ زونل عهديدارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل جماعت اسلامي ويمن ونگ پاڪستان ڊاڪٽر حميرا طارق، ڊپٽي سيڪريٽريز ثمينه سعيد، ڊاڪٽر زبيده جبن، ڊاڪٽر سميع راحيل قاضي، ناظمه سينٽرل پنجاب صوبا نازيه توحيد شريف، ناظمه لاهور عظمي عمران ۽ ميمبر شوري، لاهور جي سمورن ناظمن شرڪت ڪئي. آن لائن زوم ۾ سينٽرل پنجاب صوبي جي ناظمه ثمينه احسان، ناظمه ڏکڻ پنجاب صوبي شازيه سيال ڪراچي ۽ سڄي پاڪستان مان عورتن شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.