ڪراچي (رپورٽر)سانحي 12مئي کي 18سال ٿي ويا آهن پر اڃا تائين جاچ مڪمل نه ٿي سگهي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾درخواست ڏيندڙ اقبال ڪاظمي جي 28 مئي 2021ع تي فوت ٿيڻ بعد درخواست رد ٿي وئي هئي ۽ عدالت ڪيس کي خارج ڪري ڇڏيو. عدالت ۾ مرحوم اقبال ڪاظمي جي زال پاران ڊيٿ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرايو ويو آهي، ياد رهي ته 12 مئي 2007ع ۾ اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي ڪراچي آمد تي هنگامي آرائي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ۽ ڪيترا ئي زخمي ٿي ويا هئا. مئي 2007ع ۾ ملڪ ۾ صدر پرويز مشرف جي حڪومت هئي ۽ گهروکاتي جو وزير ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ وسيم اختر هو .