گھوٽڪي(رپورٽ: آزاد مھر + محمد يوسف منگي )گھوٽڪي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پوليس جي جاچ رپورٽ رد ڪندي اي ٽي سي جا قلم بحال ڪري ڇڏيا، عدالت پ پ جي اين اي اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن ميونسپل چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جون عبوري ضمانتون رد ڪري ڇڏيون، خالد لنڊ ۽ سندس پٽ گھوٽڪي جي عدالتي احاطي مان پوليس جي موجودگي آساني سان فرار ٿي ويا، سڀ کان پھريائين شھباز لنڊ عدالتي ڪمري ڀڄي ويو بعد ۾ نور محمد لنڊ عدالتي ڪمري مان ڀڄي نڪتو، ان کانپوءِ جڏھن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج فيصلو ٻڌايو ته ايم اين اي خالد لنڊ کي سندس وڪيل ۽ حمايتي پوليس جي موجودگي ۾ ڀڄائي ويا، پيشي جي موقعي تي عدالت جي مک دروازي تي وڏي انگ ۾ پوليس اھلڪار موجود ھئا پر پوليس آپي کان نڪتل ماڻھن کي روڪڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي نه وري خالد لنڊ ۽ سندس پٽن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کان اڳ خالد لنڊ خالد آباد کان وڏي قافلي جي شڪل ۾ ھٿياربند ساڻ ڪري گھوٽڪي جي عدالت پھتو، جڏهن ته شھيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ امان پٺاڻي عدالت نه پھتي، سندس ڀاءُ يعقوب گڏاڻي پھتو، جوابدارن جون ضمانتون رد ٿيڻ بعد يعقوب گڏاڻي چيو مان عوامي آواز اداري جو تمام گھڻو شڪر گذار آھيان جنھن ھر موڙ تي منھنجو ساٿ ڏنو آهي.