راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائين ۾ 21 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته دهشتگردن جي حملن ۾ 14 جوان شهيد ٿي ويا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب، 25 ۽ 26 آگسٽ جي رات دهشتگردن بلوچستان جي مختلف هنڌن تي بزدلاڻا حملا ڪيا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن ۽ مخالف قوتن جي اشاري تي دهشتگردي جا واقعا بلوچستان جي پُرامن ماحول ۽ ترقي کي تباهه ڪرڻ لاءِ انجام ڏنا ويا جن جو هدف گهڻي ڀاڱي معصوم شهري هئا، خاص طور موسيٰ خيل، قلات ۽ لسٻيلي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ڪيئي بي گناهه شهري شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن فوري طور جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ ڪليئرنس آپريشن دوران 21 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران 14 جوان دليري سان دشمن جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا جن ۾ ڏهه سيڪيورٽي فورسز جا جوان ۽ چار قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته انهن سنگين ۽ بزدلاڻن حملن جي ماسٽر مائنڊ ۽ مددگارن ۽ سهولتڪارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
ڪوئيٽا/قلات ( م ڊ ) بلوچستان ۾ دهشتگردي جي مختلف واقعن ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن سميت 37 ڄڻا قتل ٿي ويا جڏهن ته سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 21 دهشتگرد به مارجي ويا آهن. موسيٰ خيل واري علائقي راڙه شم ۾ هٿياربندن 23 ڄڻن کي گاڏين مان لاهي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو. ايس ايس پي موسيٰ خيل ايوب اچڪزئي جو چوڻ آهي ته سمورن ماڻهن کي مسافر بسن ۽ ٽرڪن مان لاهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته هٿياربندن بين الصوبائي شاهراهه تي ناڪو هڻي مسافرن کي بسن مان لاهي قتل ڪيو. ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هٿياربندن ڏهن گاڏين کي باهه به ڏئي ڇڏي. قلات ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس ۽ ليويز اهلڪارن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا. ايس ايس پي قلات دوستين دشتي جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ پوليس جو سب انسپيڪٽر، 4 ليويز اهلڪار ۽ 5 شهري مارجي ويا آهن. ايس ايس پي قلات دوستين دشتي موجب، فائرنگ بعد جوابدار فرار ٿي ويا جڏهن ته علائقو ڪليئر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. مستونگ ضلعي جي کڏ ڪوچه ويجهو ليويز ٿاڻي تي هٿياربندن حملو ڪيو، جڏهن ته سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري ٿاڻي تان هٿياربندن جو قبضو ختم ڪرائي ڇڏيو. ذريعن موجب، هٿياربندن ٿاڻي ۾ موجود ڪيتريون ئي گاڏيون، موٽرسائيڪلون ۽ رڪارڊ ساڙي ڇڏيو، جڏهن ته ٿاڻي ويجهو اڻڄاتل شخص جو لاش به هٿ آيو آهي. بولان ضلعي جي ايس ايس پي ڇهه لاش هٿ اچڻ جي تصديق ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته چار لاش نيشنل هاءِ وي ولڳ ڪولپور واري علائقي مان جڏهن ته ٻه لاش هڪ تباهه ٿيل پل جي هيٺان دٻيل هئا. هن چيو ته انهن کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو آهي. بولان جي علائقي دوزان ۾ ريلوي پل کي ڌماڪي سان تباهه ڪيو ويو.ريلوي ذريعن موجب، پل ڌماڪي سبب ٽرينن جي اچ وڃ معطل ٿي وئي جڏهن ته ڌماڪي ۾ هڪ شخص مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ باءِ پاس ويجهو هٿياربندن فرنٽيئر ڪور ( ايف سي ) جي هڪ ڪئمپ تي حملو ڪيو آهي. ايف سي ڪئمپ جي ڀرپاسي فائرنگ ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا جنهن سبب عوام ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي. سيڪيورٽي ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته جوابي ڪارروائي دوران پنج حملي آور مارجي ويا آهن. بي ايل اي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ حملن جي ذميواري قبول ڪندي ان کي ” آپريشن هيروف “ جو نالو ڏنو آهي.لسٻيلي علاوه بلوچستان جي ضلعي سبي، تربت ۽ ڪوئيٽا ۾ به فائرنگ ۽ بم ڌماڪن جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن، ڪجهه واقعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آهن.بلوچستان جي علائقي جيواڻي ۾ به آچر جي رات هٿيابندن هڪ ٿاڻي کي نشانو بڻايو. اطلاعن موجب، هٿياربندن پوليس جي ٽن گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ هٿيار کڻي فرار ٿي ويا. حملي آورن ٿاڻي ۾ موجود اهلڪارن کي ڪيئي ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو، جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.
بلوچستان ۾ حالتون خراب ڪرڻ جي ذميوار اسٽيبلشمينٽ قرار
لاهور (عمران شفقت): بلوچستان ۾ 23 پنجابي مسافرن کي سڃاڻپ کانپوءِ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. بي ايل اي انهن واقعن جي ذميواري قبول ڪئي آهي. اهو واقعو پاڪستان ۽ پنجاب خلاف نفرت جو اظهار آهي. اهو عام بلوچ جو ڪم ناهي، اهو بي ايل اي جو ڪم ڪيو آهي. اهو مسئلو اڄ جو ناهي، بلوچن جو مسئلو نوروز خان کان وٺي هلي رهيو آهي. ايوب خان هن سان واعدا ڪيا، قرآن تي قسم کنيا، پوءِ به کيس ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. هن مسئلي ۾ ملڪي رياست جون گهڻيون غلطيون آهن، ان جو قصور آهي ۽ ان رياست تي اسٽيبلشمنٽ جو قبضو آهي ۽ عدليه ۽ سياستدان ان جا سهولتڪار بڻجي ويا. اسٽيبلشمينٽ بلوچن جي مسئلن جو ازالو نه ڪري سگهي. هاڻي معاملو منجهي ويو آهي. بلوچن جي محرومين کي بي ايل اي ايڪسپلائيٽ ڪري رهي آهي ۽ بي ايل اي کي پاڪستان جا دشمن ايڪسپلائيٽ ڪري رهيا آهن. اهي فوج جو انتقام عام پنجابين کان وٺي رهيا آهن. اهو مسئلو سردار اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ وڌيو آهي، جنهن 19 سال اڳ 2 جنوري 2005 ۾ سئي گئس جي پلانٽ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ بلوچ ڊاڪٽرياڻي شازيه خالد کي فوج جي هڪ ڪئپٽن زيادتيءَ جو نشانو بڻايو هو. اڪبر بگٽي ۽ ٻين بلوچن ان ڪئپٽن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو پر ادارن مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪندي ڊاڪٽر شازيه کي پرڏيهه موڪلي ڇڏيو. جنهن کانپوءِ بلوچن مزاحمت مزاحمت شروع ڪئي ۽ 26 آگسٽ 2006 تي اڪبر بگٽيءَ کي فوجي آپريشن ۾ شهيد ڪيو ويو. بگٽيءَ جي شهادت بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ ۾ روح ڦوڪيو. سندس ورسيءَ جي موقعي تي بي ايل اي بلوچستان کي نو گو ايريا بڻائي ڇڏيو آهي. بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ جي ذوالفقار علي ڀٽي، آصف زرداري ۽ نواز شريف حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. باقي سڀ ڏوهاري آهيون. بلوچستان جي سرزمين تي بلوچن جو حق تسليم ڪرڻ سان سمورو مسئلو حل ٿي ويندو. بلوچستان ۾ محروميون آهن، اتان جيڪي ذخيرا نڪرن ٿا انهن ۾ سندن حصو نه هجڻ تي هو سوال ڪن ٿا، اتي اداري جو ورهين کان قبضو آهي، اتان جا ماڻهو مطمئن نه آهن.
ڪنهن به بلوچ پنجابين کي ناهي ماريو،گرينڊ آپريشن جي ضرورت ناهي:سرفراز بگٽي
ڪوئيٽا (م ڊ ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته ڪارروائيون ڪندڙ ناراض بلوچ نه پر دهشتگرد آهن، ڪنهن گرينڊ آپريشن جي ضرورت ناهي.ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته 38 معصوم شهرين کي شهيد ڪيو ويو، ڪنهن بلوچ ڪنهن پنجابي کي نه ماريو، دهشتگردن پاڪستانين کي ماريو آهي، دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي، کين سخت سزا ڏني ويندي. هن چيو ته 21 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي، انهن جي سهولتڪارن ۽ همدردن کي انجام تي پهچايو ويندو، معصوم ماڻهن کي بسن مان لاهي نشاندهي ڪري شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن کان پلاند ورتو ويندو.سندس چوڻ هو ته اهي ڪارروائيون ناراض بلوچن جون نه پر دهشتگردن جون آهن، رياست مظلوم سان گڏ بيٺي آهي، اها ويڙهه عدليا، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي به وڙهڻي آهي.سرفراز بگٽي چيو ته ڳالهين جا در کليل آهن، رياست پنهنجي رٽ قائم ڪندي، جيڪي به قدم کڻڻا پيا کڻنداسين، مان ڳالهين جو حامي آهيون پر ڪنهن سان ڳالهيون ڪيون؟ معصومن کي قتل ڪندڙن سان ڳالهيون ڪيون؟، وڏي وزير چيو ته بلوچ نوجوانن کي چوندس دهشتگردن جي پروپئگنڊا جو حصو نه بڻجو، ڪي شڪايتون اٿو ته ٻڌايو، چيو ويندو آهي ته چيڪ پوسٽ ختم ڪيو، ڇو ختم ڪيون، جتي ضرورت هوندي چيڪ پوسٽ ٺاهينداسين، ڪنهن گرينڊ آپريشن جي ضرورت ناهي. هوڏانهن گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بلوچستان جي حوالي سان هن چيو ته هاڻي دهشتگردن کي ناراض بلوچ سڏڻ جو ڪو به طريقو ناهي، بلوچستان ۾ دهشتگرد حملا هڪ ئي وقت نه ٿيا، منصوبابندي ڪئي وئي، دهشتگردن حملن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ بلوچستان جون حالتون بگڙيون: خواجا آصف
اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن کي ڪجهه ڌرين ڪمائي جو ذريعو بڻايو آهي، پنجاب ۽ ٻين صوبن مان ويندڙ ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪيو وڃي ٿو، اڪبر بگٽي جي شهادت کانپوءِ بلوچستان جون حالتون بگڙيون، دهشتگردي ذريعي اسان کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي،اسلام آباد ۾گم ٿيل ماڻهن لاءِ ڌرڻو هڻندڙ ماهه رنگ ۽ ٻيا پنجابين جي ناحق خون تي نٿا ڳالهين، پورهتين جو رت وهائيندڙن جا سمورا اڳواڻ، ڀارت ، جرمني ۽ سوئٽرزلينڊ سميت ٻين ملڪن ۾ ويٺل آهن. هن چيو ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻيا گم ٿيل بلوچن لاءِ اسلام آباد ا۾ اچي ڌرڻُو ڏين ٿا، بلوچستان ۾ مزدورن سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان تي ماهه رنگ سميت ٻيا سڀ خاموش آهن. خواجا آصف چيو ته هي ٻٽو معيار آهي، هو رڳو پنهنجي لاءِ ڳالهائين ٿا، پنجابين لاءِ نه ٿا ڳالهائين.هن چيو ته بلوچستان جا ماڻهو ترقي جي سفر ۾ ڪافي پوئتي رهجي ويا آهن، جن ۾ ٻين صوبن جو ڏوهه ناهي، هن چيو ته صوبي ۾ دهشتگردي پکڙيندڙن جا سمورا اڳواڻ، ڀارت،جرمني ۽ سوئٽرزلينڊ ۾ ويٺل آهن، هن چيو ته بلوچستان ۾ فوجي آپريشن ضرور ٿيا آهن انهن کي وساري نٿو سگهجي.
دهشتگردن اونداهي جو فائدو وٺندي حملا ڪيا: ترجمان بلوچستان حڪومت
ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو آهي ته دهشتگردن رات جي اونداهي جو فائدو ورتو، 2 کان 3 هنڌن تي حملا ڪيا. بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب موسيٰ خيل ۾ دهشتگردن مسافرن کي بسن مان لاهي سڃاڻپ ڪرڻ بعد قتل ڪيو. صوبائي حڪومت جي ترجمان چيو ته دوزان ۾ ڌماڪي سبب تباهه ٿيل ريلوي پل جي تعمير ۾ وقت لڳندو، شروعاتي طور لڳي ٿو ته ريلوي پل تي ڌماڪو ڊوائيس ذريعي ڪيو ويو.
دهشتگرد قوم، انسانيت ۽ ترقي جا دشمن آهن: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران جوانن ۽ مختلف واقعن ۾ شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر چيو ته دهشتگرد قوم، انسانيت ۽ ترقي جا دشمن آهن، کين انجام تائين پهچائينداسين. صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته قوم بهادر سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان گڏ بيٺي آهي، اسان سموري قوم جي مدد سان دهشتگرد عنصرن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائينداسين. هن چيو ته قوم شهيدن جي احسان مند رهندي ۽ قربانين کي سلام پيش ڪري ٿي. صدر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي بهادري ۽ قرباني جي جذبي جي ساراهه ڪئي ۽ شهيدن لاءِ بلند درجن ۽ گهرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
رياست بلوچستان ۾ معصوم شهرين خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪري: ايڇ آر سي پي
لاهور(م ڊ) انساني حقن بابت ڪميشن ايڇ آر سي پي بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ۾ شهرين تي وحشياڻي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، جنهن ۾ شدت پسندن 23 مسافرن کي سندن سڃاڻپ ڪارڊ ڏسڻ کان پوءِ گاڏين مان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي. بلوچستان جي مسئلن جي حل ۾ خاص ڪري غير مسلح ماڻهن خلاف تشدد جي ڪا به گنجائش نه ٿي رکي سگهجي.جڏهن ته اسان صوبي ۾ منظم باغين پاران تشدد جي وڌندڙ واقعن تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪريون ٿا، پر ان ڳالهه کي ورجايو ٿا ته رياست کي بلوچستان ۾ رهندڙ معصوم شهرين خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي.
بلوچستان ۾ مسئلن تي جنرل عاصم باجوا کان پڇاڻو ٿيڻ گهرجي
اسلام آباد (اعزاز سيد+فخر دراني) بلوچستان ۾ هٿياربند تنظيمن کي اهو چوڻ گهرجي ته هو عام شهري کي نشانو نه بڻائين ڇو ته جڏهن ماهه رنگ بلوچ مارچ ڪري پنجاب مان گذري هئي ته اتي پنجاب واسين سندس گل نڇاور ڪري آجيان ڪئي هئي. هن چيو ته چيو ويندو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ ذريعي وفاق حصي ۾ بلوچستان کي محروم رکيو آهي پر صوبن کي حصو ملي ٿو، وسيلن جي محرومي جا ذميوار اتان جا مقامي اڳواڻ آهن، صوبائي بجيٽ جو سوال مقامي قيادت کان ٿيڻ گهرجي. جڏهن سي پيڪ شروع ٿيو هو ته ان وقت جنرل عاصم باجوا ڪور ڪمانڊر هو جڏهن ريٽائر ٿيو ته سي پيڪ ڏانهن هليو ويو. ان کان اڳ 2 ڪور ڪمانڊر رهيا ته حالتون بهتري ڏانهن وڃي رهيون هيون پر جنرل عاصم باجوا جي دور ۾ حالتون خراب ٿيڻ شروع ٿيون، ان کان سوال ڪرڻ گهرجي. اعزاز سيد چيو ته رڳو مار ڌاڙ هلي رهي آهي پر ڳالهيون ناهن ٿي رهيون، ڳالهيون ٿيڻ گهرجن ۽ سويلين حڪمراني هجڻ گهرجي جنهن لاءِ سرفراز بگٽي بهتر پرفارم ڪري.
بلاول ڀٽو زرداري پاران بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي شهيدن جي خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم پنهنجي بهادر پٽن جي قربانين کي وساري نه سگهندي. دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز کي شاباش پيش ڪريان ٿو.
مسجدن مان نيشنل هاءِ وي تي سفر نه ڪرڻ جا اعلان
مستونگ: مستونگ جي علائقي کڏ ڪوچه ۾ مقامي انتظاميا پاران مسجدن مان اعلان به ڪرايا ويا آهن ته مسافر ڪوئيٽا، ڪراچي قومي شاهراهه تي سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.