سنڌ حڪومت تڪراري فيصلا ڪرڻ بدران عوام ڀلائي وارا عمل اختيار ڪري

سنڌ حڪومت پاران ڪياماڙي ڪراچي جي ڇهه هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏيڻ واري عمل خلاف نه رڳو متاثر ٿيندڙ سوين ڳوٺاڻا لاڳيتو سراپا احتجاج آهن، پر ان سنڌ دشمن فيصلي تي سنڌ جو باشعور ۽ ساڃاهه وند طبقو به  پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيو آهي، پر حيرت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت جا ذميوار فرد اڃان تائين ميڊيا تي اچي عوام آڏو ڪنهن به قسم جي ڪا به وضاحت پيش ناهي ڪئي، جنهن مان سندن آمراڻو عمل وائکو ٿئي ٿو.

پاڪستان پيپلز پارٽي محترمه بينظير ڀٽو  جي شهادت کان پوءِ لڳاتار سنڌ ۾ ڪاميابي ماڻي رهي آهي ۽ پنهنجو حڪومتي مدو پڻ پورو ڪري رهي آهي.پر ان پنهنجي هر دور ۾ سنڌ ۾ ڪو نه ڪو ”سنڌ دشمن پروجيڪٽ“ شروع ڪري سنڌ جي ماڻهن جي جذبات کي سدائين مجروح ڪيو آهي. سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش کان ويندي، هڪ شهر ۾ٻئه ميئر واري فارمولي تائين  پ پ پ تڪراري فيصلا ڪندي رهي آهي. بحريا ٽائون منصوبو  به پ پ پ جي ئي دور ۾ شروع ٿيو هو، ۽ سنڌ جي  نهايت ئي قيمتي زمين  بحريا ٽائون کي سستي اگهه تي وڪرو ڪئي وئي، بحريا ٽائون جا خانگي بدمست سيڪيورٽي گارڊ ڳوٺاڻن  کي زمين وڪڻڻ لاءِ مختلف طريقن ذريعي هيسائڻ  جي ڪوشش ڪندا رهيا، ۽ ڳوٺاڻن جي اچ وڃ جو رستو بند ڪري کين لڏڻ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪندا رهيا. جڏهن سنڌ جي ماڻهن بحريا ٽائون جي ان ڏاڍ مڙسي جي خلاف پرامن احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو هو ته هٿ سان حالتون خراب ڪري سياسي ڪارڪنن جي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو. سنڌ پوليس نه رڳو سوَن جي تعداد ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ اڳوڻن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا پر سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي پڻ جيل ۾ وڌو ويو هو.

سنڌ سرڪار هاڻ ساڳئي عمل جو ورجاءَ ڪري رهي آهي، ڪياماڙي جي ڇهه هزار ايڪڙ زمين ڊي ايڇ اي کي ڏئي قيام پاڪستان کان اڳ آباد ٿيل ڳوٺاڻن کي لڏي وڃڻ لاءِ ڌمڪايو پيو وڃي. قانوني ۽ اصولي طور سنڌ حڪومت کي انهن ڳوٺاڻن کي قانوني تحفظ ڏيڻ سان گڏ کين زندگي جون بنيادي سهولتون به ڏيڻ گهرجي ها پر پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي ووٽن جي چونڊجي اچڻ کان پوءِ عوام دشمن عمل شروع ڪري ڇڏيندي آهي. جيڪا ڪڏهن يوسف عارفاڻي ته ڪڏهن غازي ڳوٺ کي ڊاهڻ لاءِ ڀاري مشينري ڪاهي سنڌين جا گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ هاڻي سندن نشان تي راشدي ڳوٺ آهي.  جنهن کي ڊاهڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا چڙهائي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب خوف ۽ ڳڻتي ۾ ڳوٺاڻن جون ننڊون حرام بڻجي ويون آهن. جيڪڏهن اسين 2008ع کان هن وقت تائين رڳو ڪراچي شهر جو رڪارڊ ڏسنداسين ته اسان کي رڳو سنڌي آبادي جي ئي ڀڃ ڊاهه ٿيل نظر ايندي جڏهن ته ٻين علائقن ۾ اهڙي ڪا به صورتحال ڏسڻ ۾ نه ايندي باوجود ان جي ته اتي پ پ پ جو ڪو به ووٽ بينڪ ناهي، جتي قبضا  ٿيل ۽ حددخلين جو آزار وڌيڪ نظر ايندو، ايتري قدر جو  اتي پارڪن، نالن، اسڪولن  سميت ٻين سرڪاري عمارتن يا پلاٽن تي قبضا  ٿيل آهن، پر  قبضو ڇڏائڻ  جي ڪڏهن به ڪا ڪوشش نه ڪئي وئي آهي. ويتر کين سهولتون مهيا ڪري ڏنيون ويون آهن. سنڌي آبادي واري علائقن/ ڳوٺن کي ڏسجي ته اتي نه ته پيئڻ جي صاف پاڻي جي ڪا سهولت ميسر آهي نڪي وري صفائي سٿرائي جي. حڪومتي ٻه اکيائي سبب سنڌي ڳوٺ ڪچهري جا ڍير بڻجي چڪا آهن.

گذريل ڇنڇر واري ڏينهن تي يونائٽيڊ لائرز فورم  پاران هڪ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن کي ايس يو پي جي سربراهه زين شاهه، عوامي ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ، ناليواري صحافي مظهر عباس، اڪرام انصاري، انيس هارون، يونس مهر، مخدوم فهيم الزمان، اختر حسين، جڳديش آهوجا، عاقب راڄپر، لالا اصغر پٺاڻ، زبير ابڙو ۽ عامر وڙائچ سميت ٻين ساڃاهه وندن چتاءَ ڏنو ته ڪياماڙي جي زمين تي قبضي خلاف  سخت مزاحمت ڪئي ويندي.

سنڌ حڪومت جي عوام دشمن فيصلي خلاف ساڃاهه وندن جو وقتائتو ردعمل آهي، جنهن جي اسين آجيان ڪرڻ سان گڏ پ پ پ جي قيادت کي خبردار ڪريون ٿا ته سنڌ جي ماڻهن کي دربدر ڪرڻ جي ڪوشش بند ڪئي وئي ۽ فوري طور تي سنڌ جي والار  ۽ ڌارين جي پٺڀرائي بند ڪئي وڃي.

پ پ وٽ سياسي سگهه رڳو سنڌ ۾ ئي وڃي بچي آهي، جيڪا به سنڌ حڪومت جي غلط پاليسن ۽ عوام دشمن فيصلن سبب خطري ۾ پئجي  رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻ سنڌ جي ماڻهن جي اهو سمجهڻ شروع ڪيو آهي ته اسان جا چونڊيل نمائندا ئي اسان  جي بهتري بدران اسان کي ئي برباد، دربدر  ۽ بي گهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن.ان لاءِ پ پ قيادت کي عوام دشمن عمل ۽ تڪراري فيصلا ڪرڻ کان ڪنارو ڪرڻ گهرجي ائين نه ٿئي جو  پاڪستان پيپلز پارٽي ٻين صوبن جيان سنڌ ۾ به عوامي حمايت وڃائي ويهي.

ياد رکڻ گهرجي ته ڪياماڙي واري معاملي تي سنڌ جي ماڻهن پاران سخت ردعمل سامهون اچڻ جو امڪان آهي، ۽ ان سان اندروني حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون، ڇاڪاڻ ته هاڻ سنڌ ۽ سنڌين جي بقا جو سوال پيدا ٿي رهيو آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته بنا دير  ڪياماڙي جي زمين جيڪا ڇهه هزار ايڪڙ ٻڌائي وڃي ٿي زمين ڊي ايڇ اي ڏيڻ وارو فيصلو واپس وٺي ڳوٺاڻن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيڪو سنڌ حڪومت جو فرض ۽ ذميداري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.