اسان جي سماج ۾ ڪُتي جي وفاداريءَ جِي مڃتا جي باوجُود ڪُتو هڪ نيچ ۽ حقارت ڀريو جانور ليکيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڪنهنجي بي عزتيءَ لاءِ ”ڪتن سان گڏ کارائڻ“ يا ”ڪُتي واري ڪار ڪرڻ“ جهڙا اصطلاح استعمال ڪيا وڃن ٿا. ڪوئي پنهنجو پاڻ کي ڪنهن جي سامهون حقير ظاهر ڪرڻ گُھري ته چوندو آهي: ”سائين! مان توهان جي در جو ڪُتو!“ خود لال شهباز قلندر (ڪن روايتن موجب عثمان نالي ڪنهن ٻئي فارسيءَ جي شاعرَ) پاڻ کي ”سگِ ڪُوئي شيرِ يزدانُم“ (حضرت عليءَ جي گھٽيءَ جو ڪُتو) ڪوٺيو. اسان وٽ ڪوئي بي قدرو ڪنهن قيمتي شئي جو قدر نه ڄاڻي ته پهاڪو ڏبو آهي: ”ڪُتو ڇا ڄاڻي ڪڻڪَ جِي مانيءَ مان!“ مطلب ته مجموعي طور تي ڪُتو اسان وٽ نيچ ساهدار طور ڄاتو ويندو آهي ۽ ڪنهن جي بي عزتي ڪرڻ لاءِ ڪُتي جو استعارو استعمال ڪيو ويندو آهي. پر جڏهن پنهنجي گھر کان زمينن توڙي ٻئي پراپرٽيءَ جي حفاظت جو سوال اچي ته اسان هٿيارن سان ليس چوڪيدارن ۽ گارڊن کان وڌيڪ ڪُتن تي ئي ويساهه ڪندا آهيون. پنج ستارن وارين هوٽلن جي ٻاهران توڙي هوائي اڏن تي ڪسٽم پڙتال دؤران ڊزنين سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگيءَ باوجود منشيات جِي موجودگيءَ جو پتو لڳائڻ، ڪُتن کان سامان سُنگھرائڻ کانسواءِ ممڪن ناهي. افسوس! جو ڪُتن جي ايڏي ڪارائتي ۽ وفا واري ڪردار باوجود اسان ان کي حقارت جي نظر سان ڏسون ٿا ۽ بي توقيريءَ جو استعارو ڪري استعمال ڪيون ٿا.
هن وقت دنيا جي ۾ ڪُتن جِي آبادي 90 ڪروڙ آهي. دنيا ۾ هڪ هزار کان مٿي نسلن جا پاليل توڙي اڻ پاليل ڪتا موجود آهن. دنيا جي ڪئين سماجن ۾ ڪُتي کي انتهائي مانوارو مقام حاصل آهي. جن ۾ تبت جي سماج، نيپال، منگوليا، ’اسڪيموز‘ (ڪچو گوشت کائيندڙن) جي معاشرن، جاپان، اصلوڪين امريڪي برادرين، آئيس لينڊ، سوئيٽزرلينڊ، آسٽريليا وغيره ۾ ڪُتي جو انتهائي توقير وارو مقام آهي ۽ اتي ڪُتي کي گھر جي ڀاتيءَ وارو درجو حاصل آهي. مذهبن ۾ جيوڻيڪ اسلام توڙي عيسائيت ۾ به ڪُتي کي چڱي اهميت حاصل رهي آهي، پر ڪُتي جو جيڪو مقام ٻُڌمت وٽ آهي، اهو دنيا جي ٻئي ڪنهن به مذهب وٽ نظر نٿو اچي. ٻُڌ ڌرم جي روايتن مُوجب ڪتن کي انهن جي وفاداريءَ، رحم ۽ انسانن جي مدد ڪرڻ جي صلاحيت جي ڪري احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.تبت واري علائقي جا ٻُڌَ، ڪُتي کي مقدس جانور سمجهندا آهن ۽ کيس خوشقسمتيءَ ۽ خوشحاليءَ سان سلهاڙيندا آهن. ”تبتي ماسٽِف“ (ڪُتي جي نسل) کي وفاداريءَ ۽ تحفظ جي علامت طور ڄاتو وڃي ٿو.
مختلف ترجمن ۽ تفسيرن موجب لفظ ”ڪتو“ قرآن مجيد ۾ 5 ڀيرا آيو آهي.جن مان اهو ذڪر ٻه ڀيرا ”سورة الاعراف“ (آيت نمبر 77 ۽ 176) ۾، ٻه ڀيرا ”سُورة الڪهف“ (آيت نمبر 18 ۽ 22) ۾ ۽ هڪ ڀيرو ”سورة القمر“ (آيت نمبر 9) ۾ آيل آهي. سورة الڪهف جي 18هين آيت جو ترجمو آهي: ”…۽ تون کين جاڳندڙ ڀائيندين پر اُھي (ننڊ ۾) سمھيل آھن، ۽ کين سڄي پاسي تي ۽ کٻي پاسي تي اُٿلائيندا آھيون، ۽ سندن ڪُتو چائنٺ تي اڳيون ٽنگون ڊگھيريو پيو آھي، جيڪڏھن مٿن بيھي ڏسين ته کانئن ڀڄندڙ ٿي منھن ڦيرين ۽ کانئن دھشت کان ڀرجي وڃين.“ ۽ ساڳئي سورة جي 22هين آيت جو ترجمو آهي: ”(ڪي) چوندا ته (اُھي) ٽي آھن. چوٿون سندن ڪُتو آھي، ۽ (ڪي) چوندا ته پنج آھن، ڇھون سندن ڪتو آھي. ڳُجھه بابت اٽڪل ھڻندا آھن ۽ چوندا آھن ته ست آھن، اٺون سندن ڪتو آھي. (اي پيغمبر!) چئو ته سندن ڳاڻيٽو منھنجو پالڻھار وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي. انھن کي رڳو ڪي ٿورا ڄاڻندا آھن، پوءِ انھن بابت سرسري جھڳڙي ڪرڻ کانسواءِ جھڳڙو نه ڪر، ۽ نڪي انھن بابت ڪافرن مان ڪنھن ھڪ کان پڇا ڪر!“ (علامه امروٽيءَ جو ترجمو)
”ڪِنگ جيمز ورجن“ مُوجب، انجيل ۾ ڪُتي جو ذڪر لڳ ڀڳ 41 ڀيرا آيو آهي. جنهن ۾ ڪُتي کي ڪٿي ناپاڪ ۽ بُڇڙن ماڻهن سان تشبيهه جي طور تي ڪتب آندو ويو آهي، ته ڪٿي وفاداريءَ ۽ تحفظ جي استعاري طور، ته ڪن جاين تي غير قومن (غير يهودين) جِي نمائندگي ڪندڙن جي علامت طور استعمال ڪيو ويو آهي. مطلب ته ڪُتي جو ذڪر بائيبل ۾ مختلف حوالن سان آيل آهي.
ڀٽائيءَ به پنهنجي ڪلام ۾ ڪُتي جو ذڪر آندو آهي. سُر معذوريءَ ۾ ڀٽائي پهرين داستان جي پهرين ئي بيت ۾ ”ٻانڀَڻِ! ٿِيُ ٻُوٽِيُون، ته ڪُتا کِيَنئِي ڪيچَ جا“ چئِي ڪُتي جو ذڪر ڪري ٿو ته وري اڳتي هلي ”ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اسين ڪُتي ڪِيڙَ“ چئي ڪُتي کي گندَ جو طالب سڏي ٿو. ساڳئي سُرَ ۾ ان کان اڳ واري بيت ۾ ڀٽائي ”جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قَرِيبَنِ جي“ ۾ ڪُتيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. ته وري سر کاهوڙيءَ ۾ ”جَهنگَلُ آھيڙِيُنِ کي، ڀَنَڻُ ڪَيو رُوندو ــ نه ڪُتا، نه ڪوڙِڪُون، چَڙھيو اُڀو چُوندو“ چئي هن جانور کي پچاري ٿو. ان طرح ٻين به هڪ ٻن جاين تي ڪُتي جو ذڪر آڻي ٿو. لطيف جو فڪري مرشد، مولانا جلال الدين رُوميءَ پنهنجي 3 کان 4 هزار شعرن جي عميق ڪلام مان لڳ ڀڳ 25 کان 30 شعرن ۾ ڪُتي جو ذڪر ڪيو آهي يا ڪتن سان لاڳاپيل استعارا استعمال ڪيا آهن. جن مان ”مثنوي معنويءَ“۾ اٽڪل 10ــ 15 دفعا، ”ديوانِ شمس“ ۾ 10 کان 12 دفعا ۽ ٻين مجموعن ۾ متعدد دفعا ڪُتن جو ذڪر آيو آهي. سچل سائينءَ ”سچُو سَگ اوهان جو“ جو اصطلاح مختلف سُرن جي ڪئين ڪافين ۽ بيتن ۾ استعمال ڪري پاڻ کي محبوب جي در جو غلام ڪوٺيو آهي.
هونئن ته هر سماج ۽ هر ٻوليءَ جي لڳ ڀڳ سمورن اهم شاعرن ڪُتي کي ٿورو گھڻو ڳايو آهي، پر انگريزي ادب ۾ جنهن شاعر ڪُتن کي سڀ کان وڌيڪ ساراهيو آهي، اهو برطانوي شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ’روڊيارڊ ڪِپلنگ‘ (جنم: 1865ع ــ لاڏاڻو: 1936ع) آهي، جيڪو ڄڻ ته ڪُتن جو عاشق هو. هن پنهنجن ڪيترن ئي نظمن ۽ ڪهاڻين ۾ ڪُتن کي مکيه ڪردارن يا علامتن جي حيثيت ڏني آهي. مثال طور: 1898ع ۾ ”گيرم ــ اي هوسٽيج“ جي عنوان سان ڇپيل سندس ڪهاڻي، جنهن ۾ هن هڪ وفادار ڪُتي کي اهم ڪردار جي حيثيت ۾ ڏيکاريو آهي، 1909ع ۾ لکيل سندس نظم ”دي پاور آف دِي ڊاگ“ يا 1930ع ۾ ”دي سروينٽ آف اي ڊاگ“ نالي ڇپيل سندس ڪهاڻين جو مجموعو.
تاريخ ۾ مجموعي طور کوڙ سارن ڪُتن جو پنهنجي تاريخي ڪردار سبب ناماچار رهيو آهي، پر انهن مان ڪجھه اهم ڪُتن جو ذڪر هتي ڏجي ٿو:
(1) قطمير: قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيل ”اصحابِ ڪهف“ سان گڏ ڪهف جي غار ۾ ٽن صدين (309 سالن) تائين سُمهندڙ ڪُتو، جيڪو پنهنجيون ٽنگون پکيڙي غار جو دڳ جھلي سُتو رهيو، ته جيئن غار ۾ ٻيو ڪو داخل نه ٿي سگھي. اهو ڄڻ ته ڪهف جي اصحابن جو محافظ هو. (جيئن مٿي سورة الڪهف جي آيتن ۾ ذڪر آيو.)
(2) لائيڪا (1957ع): ”اسپوتنڪ 2“ (اسپيس شٽل) رستي خلا جو سفر ڪندڙ پهريون ڪُتو.
(3) هاچيڪو (1923ع ــ 1935ع): ’اڪيتا‘ نسل جو وفادار ڪُتو، جيڪو پنهنجي مالڪ جي موت کان پوءِ 9 سالن تائين هڪ ريلوي اسٽيشن تي سندس انتظار ڪندو رهيو.
(4) بالٽو (1919ع ـــ 1933ع): جنهن امريڪي رياست ’الاسڪا‘ جي شهر ’نوم‘ تائين، ’خُناق‘ (ڪَلِيُن جي سوڄ واري بيماريءَ) جي موت سان وڙهندڙ مريضن تائين دوا پهچائڻ لاءِ برفاني طوفان ذريعي هڪ ڪُتن جي جَٿي (سليڊ ٽيم) جِي اڳواڻي ڪئي ۽ مريضن کي بچايو.
(5) سارجنٽ اسٽُوبي (1916ع ــ 1926ع): امريڪي فوج ۾ شامل پهريون ڪتو، جنهن ٻي جنگِ عظيم دؤران پنهنجي عقل سان گيس حملن جو اڳواٽ پتو لڳائي، اڻ ڳڻين سپاهين کي موت کان بچائي ورتو ۽ ’سارجنٽ‘ جي عُهدي تائين ترقي ماڻيائين.
(6) گريفريئرس بوبي (1856ع ـــ 1872ع): ’اسڪائي ٽريئر‘ نسل جو ڪتو، جيڪو اسڪاٽلينڊ جي شهر ’ايڊنبرگ‘ ۾ 14 سالن تائين پنهنجي مالڪ جي قبر جي حفاظت ڪندو رهيو.
(7) اوني (1888ع ــ 1897ع) جيڪو ريل گاڏيءَ جي ٽپال پهچائڻ واري دٻي ۾ سوار ٿي، ”يونائيٽيڊ اسٽيٽس پوسٽل سروسز“ جي ملازم طور ٽپال جي سامان جي حفاظت ڪندو هو ۽ پارسلز کي چورن کان بچائيندو هو. کيس امريڪي پوسٽل سروسز پاران ڪالر ۽ ’ٽيگ بيج‘ پڻ مليل هو ۽ هو انهن جي تقريبن ۾ به خاص طور شرڪت ڪندو هو. هو 1897ع ۾ مري ويو. سندس جسم کي ڪيميڪل لڳائي امريڪي راڄڌانيءَ واشنگٽن ڊِي. سيءَ ۾ قائم ٽپال کاتي جي عجائب گھرَ ’سمٿسونين نيشنل پوسٽل ميوزيم‘ ۾ مستقل نماءَ لاءِ رکيو ويو آهي.
(8) روزيلِي (1998ع ــ2011ع): جيڪو ڪُتو، نيويارڪ ۾ ”نائين اليون“واري سانحي دؤران، ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي 78 هين منزل تي موجود پنهنجي نابين مالڪياڻيءَ کي عمارت مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سُونهون بڻيو.
(9) سڪومي (1943ع ـــ1957ع): فوجين جي تفريح تي مامُور ڪُتو، جنهن ٻي مهاڀاري جنگ دؤران دشمن سپاهين جي ڳولا ۾ پنهنجيءَ فوج جي زبردست مدد پڻ ڪئي.
(10) اپالو (1992ع ـــ 2006ع): ڳولا ۽ بچاءُ وارو ڪُتو، جنهن نيُو يارڪ ۾ ”نائين اليون“ کان پوءِ ’گرائونڊ زِيرو‘ تي رضاڪارن سان گڏ بحاليءَ جي ڪم ۾ سرگرم حصو ورتو.
(11) اِيمان (1940ع ــ 1952ع): ”انگلش پوائنٽر“ نسل جو اهو ڪتو، جنهن ”ريڊ ڪراس“ جي رضاڪار ڪُتي جي حيثيت ۾ ٻِي جنگِ عظيم دؤران لنڊن ۾ هوائي حملن جي متاثرين کي ڳولڻ ۾ مدد ڪئي.
سنڌ ۾ کيرٿر جابلو سلسلي جي ’ڏاهياڙي جبل‘ جي هڪ چوٽي ”ڪُتي جي قبر“ جي نالي منسوب آهي، جيڪا اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ اچي ٿي. اها چوٽي جنهن ڪُتي جي نالي منسوب آهي، ان ڪُتي بابت هڪ ڪهاڻي مشهور آهي، جنهن جي تاريخي حقيقت ڇا به هجي! پر اها روايت آهي ڏاڍي دلچسپ. ان روايت جو ذڪر ڪيترن ئي ڪتابن ۾ آيل آهي، پر 1885ع واري دؤر ۾ مقامي ڊپٽي ڪمشنر چارلس پنهنجي ڪتاب ”هِيُو فوڪ ٽيلس آف سنڌ“ (سنڌ جُون لوڪ ڪهاڻيون) ۾ به ڪُتي جي قبر جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن لکيو آهي ته اهو ڪُتو ڪنهن ڳوٺاڻي جو هو، جيڪو ڳوٺاڻو گهرجي کاڌ خوراڪ واري سامان خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪتي سان گڏ، ان جبل کان هيٺ لهي هڪ هندو دوڪاندار وٽ آيو، جتي هن سامان خريد ڪيو، پر ادائگيءَ وقت ڪجهه رقم کُٽي پيس، تنهن تي دوڪاندار کي چيائين ته ”هي منهنجو ڪُتو گروي رک! رقم واپس ڪرڻ بعد ڪاهي ويندس.“ ڳوٺاڻو ايئن چئي سامان کڻي واپس ڳوٺ روانو ٿيو. ان وچ ۾ اتفاق سان هڪ رات هندو دوڪاندار جي دوڪان ۾ چور کاٽُ هڻي چوري ڪري رهيا هئا ته اهو ڪتو سجاڳ ٿي تيز ڀؤنڪڻ لڳو، جنهن جي آواز تي هندو دوڪاندار ۽ ٻيا ڳوٺاڻا سجاڳ ٿي پيا ۽ چور اتان ڀڄي ويا. ڪتي جي اهڙي وفاداري ڏسي هندو دوڪاندار ڪتي کي آزاد ڪري ڇڏيو. ڪتو آزاد ٿيڻ کان پوءِ واپس پنهنجي مالڪ جي ڳوٺ ڏانهن اچي رهيو هو ته رستي ۾ سندس مالڪ کيس ڳوٺ ڏانهن ايندو ڏسي سمجھيو ته هي شايد هندو دوڪاندار وٽان ڀڄي آيو آهي. تنهن تي هن ڪتي کي ”نمڪ حرام“ چئي ڀُونڊو (بُجو) ڏنو ۽ چيو ”اڄ مان توکي آزاد ڪرائڻ ٿي آيس، پر تون هندو دوڪاندار سان غداري ڪري ڀڄي آيو آهين!؟ اڄ کان تون منهنجي لاءِ مري وئين!“ اها ڳالهه ٻُڌي ڪُتي مالڪ جي پيرن تي ڪري ڏڪِي ڏڪِي دم ڏنو. ان بعد ڳوٺاڻو اچي هندو دوڪاندار وٽ پهتو ۽ معافي گهري رقم واپس ڪرڻ لڳو. تنهن تي هندو دوڪاندار ٻڌايس ته ”تنهنجي ڪُتي مون سان وفاداري ڪئي ۽ منهنجي هزارين روپين جي چوري ٿيڻ کان بچائي ورتي. جنهن ڪري مُون تنهنجي واجب الادا رقم انعام طور معاف ڪري تنهنجي ڪُتي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.“ هندو دوڪاندار جي اهڙي ڳالهه ٻڌڻ بعد ڳوٺاڻو افسوس ۾ روئندو رهيو ۽ واپس اچي مئل ڪُتي کي کڻي ڏاڙهياڙي جبل جي چوٽيءَ تي قبر کوٽي دفن ڪيائين. تڏهن کان ان قبر جي ڪري اها چوٽي ”ڪُتي جي قبر“ سڏجي ٿي.
اُن ڪُتي توڙي ڪُتي جي قبر جو احوال، مرزا قليچ بيگ پڻ 1885ع ۾ لکيل پنهنجي سفرنامي ”ڏاڙهياڙو جبل جو سير“ ۾ ٿوري گھڻيءَ ڦير ڦار سان ڪيو آهي. ان حوالي سان وفاداريءَ جي لحاظ کان سنڌ جو ڪُتو به هميشه کان دنيا جي معزز ڪُتن جي فهرست ۾ شامل رهيو آهي ۽ ان جي عزت به ٻين معاشرن جي ڪُتن کان گھٽ هرگز ناهي.