ڪراچي (پ ر) پاڪستان سنگل ونڊو عالمي ڪسٽمز تنظيم جي سهڪار سان ڪراچي ۾ پنجن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ ڪرايو. ورڪشاپ جو مقصد عالمي سطح تي پنهنجي موجودگي کي وڌائڻ ۽ عالمي ڀائيوارن سان سهڪار کي مضبوط ڪرڻ هو. تربيت جو مقصد پاڪستان سنگل ونڊو جي ڊومين ۽ ٽيڪنيڪل ٽيمن جي صلاحيت کي وڌائڻ هو ته جيئن طريقيڪار ورلڊ ڪسٽمز آرگنائزيشن جي اصولن موجب هجن.
تربيت جو مقصد پاڪستان جي واپاري ڊيٽا جي معيارن کي عالمي فريم ورڪ سان هم آهنگ ڪرڻ هو جيڪي سرحد پار واپار جي ڪاررواين جي اثرائيت ۽ ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ لاءِ اهم قدم آهن. عالمي ڊيٽا جي معيارن تي پورو لهندي اهو عمل ڪسٽمز ۽ ٻين سرڪاري ايجنسين جي ڊيٽا جي ضرورتن کي هم آهنگ ڪري ڪسٽمز ۽ واپار جي طريقيڪار کي هموار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ۽ ٻين قومي ۽ عالمي اليڪٽرانڪ نظامن سان انضمام کي سولو بڻائي ٿو. هم آهنگ ڊيٽا سيٽس ۽ اليڪٽرانڪ پيغامن جي استعمال جي اجازت ڏئي اهو ماڊل ڪسٽمز ۽ ٻين سرڪاري ايجنسين جي عملي قانوني ضرورتن کي پورو ڪري ٿو. اهو قومي ڪسٽمز جي طريقيڪار کي عالمي طريقين سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي.
هي سيشن ڊبليو سي او جي تربيت يافتا ٽرينرز جي اڳواڻي ۾ ٿيو جن ۾ جرمني جي فرينڪفرٽ ايئرپورٽ تي ڪارگو رسڪ مئنيجمينٽ جو ليڊ ڪسٽمز آفيسر مسٽر ڪرسچن لمبڪي ۽ انڊونيشيا جي روينيو ۽ ڊيٽا مئنيجمينٽ جو هيڊ مسٽر ٽيگارا پرماديستا شامل هئا جن پاڪستان جي ڊبليو سي او ۾ مستقل نمائندي جي آفيس ۽ پاڪستان سنگل ونڊيو وچ ۾ تربيتي ورڪشاپ ڪرائڻ لاءِ هم آهنگي فراهم ڪئي. پاڪستان سنگل ونڊو جي ڊومين ۽ ٽيڪنيڪل ٽيمن جي شريڪ ٿيلن ڊبليو سي او ڊيٽا ماڊل کي لاڳو ڪرڻ ۾ تفصيلي ۽ عملي تربيت حاصل ڪئي.
تقريب ۾ ڳالهائيندي پاڪستان سنگل ونڊو جي چيف ڊومين آفيسر مسٽر نويد عباس ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ هن تربيتي ورڪشاپ ڪرائڻ ۾ پاڪستان سنگل ونڊو عالمي معيارن کي اختيار ڪرڻ ۽ پاڪستان جي واپار ۽ ڪسٽمز جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ جي عزم کي اجاڳر ڪري ٿو. هن ورڪشاپ جا نتيجا پاڪستان جي علائقائي واپار کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي اميد آهن. اسان ڊبليو سي او ۽ پاڪستان ڪسٽمز جا ٿورائتا آهيون جو هنن هن هفتي ڊگهي تربيتي پروگرام لاءِ ضروري حمايت فراهم ڪئي.
پاڪستان سنگل ونڊو هن وقت پاڪستان ڪسٽمز ۽ حڪومت پاڪستان جي مدد ڪري رهيو آهي ته جيئن چين، ازبڪستان ۽ تاجڪستان جهڙن ڀائيوار ملڪن جي ڪسٽمز/سنگل ونڊو نظامن سان اليڪٽرانڪ ڪنيڪٽيويٽي قائم ڪري سگهجي ۽ عالمي نظامن ۽ پليٽ فارمن سان اليڪٽرانڪ ڊيٽا جي ڏي وٺ جي پنهنجي صلاحيت کي ڪاميابي سان ظاهر ڪجي.
اهڙي گڏيل ڪوششن ذريعي پاڪستان سنگل ونڊو پاڪستان جي واپار ۽ ڪسٽمز جي طريقيڪار جي ڊجيٽل تبديلي ۾ هڪ رهنما جي طور تي پنهجو پاڻ کي قائم ڪري رهيو آهي، اهو يقيني بڻايو پيو وڃي ته ملڪ جون واپاري مشقون عالمي معيارن سان هم آهنگ آهن.