ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڪراچيءَ جي وڏي ۽ ٽريفڪ جي رش ۾ ڳُتيل روڊ، فيصل روڊ جيڪو جنرل ضياءَ جي دور کان اڳ تائين انگريز آفيسر ڊرگ جي نالي سان منسوب ڊرگ روڊ ڪري سڏيو ويندو هيو، جيڪو ضياءَ الحق کيس پنهنجي دور ۾ سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل جي نالي سان منسوب ڪيو هيو. ان روڊ تي هڪ برگر فيملي جي خاتون نتاشا اقبال نالي نشي ۾ ڌت ٿي پنهنجي وڏي گاڏي ۾ روڊ تي انجواءِ ڪرڻ لاءِ نڪري پيئي، سندس مڌ ۾ مست دماغ هوش جا سڀ حواس وساري ڊسڪو ميوزڪ وڏي آواز سان ٻڌندي هڪ پاپڙ وڪڻندڙ پوڙهي کي، جيڪو وڏي تڪليفن سان پنهنجي نياڻي کي ميڊيڪل ڊاڪٽر بڻايو، جيڪو هر روز پاپڙ پٽ کي وڪڻڻ لاءِ ڏيئي نياڻي کي ڪاليج يا اسپتال مان اسڪوٽر تي گهر کڻي ايندو هيو، هو معمول مطابق ساڳئي روڊ تي هلي رهيو هيو ته پٺيان وڏي صنعتڪار گهراڻي جي مدهوش عورت کين ٺڪر هڻي کين ماري ڇڏيو، ٻين ماڻهن مٿان پنهنجي گاڏي ڊوڙائي هڪ ٻيو قتل ۽ ست ماڻهن کي مرڻينگ ڪري وڌو، پوليس جي روڪڻ تي گاڏي کي بريڪ هڻي بيهي رهي، ماڻهن ۽ پوليس کي چوندي رهي ته هي چمڪندڙ روڊ هي روشنيون اسان وڏن ماڻهن جي ڏسڻ ۽ استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، هنن روڊن تي هلڻ جو حق هنن ٽڪي پيسي جي ماڻهن کي ڪنهن ڏنو آهي، جيڪڏهن هي اسان مخلوق لاءِ ٺاهيل روڊن تي اسان جي ڀر ۾ همسري ڪندي هلندا ته ڇو ڪو نه چيڀاٽيا ويندا، هن ماڻهن ۽ پوليس وارن کي ٻڌائي ڇڏيو ته هوءَ وڏي صنعتڪار جي ڌيءَ ۽ ننهن آهي، مون سان ادب سان ڳالهائڻ جو هنر سکي پوءِ پڇا ڪجو، قانون جا رکوالا هڪا ٻڪا ٿي ھٿ ادب جا ٻڌي سندس آڏو بيهي. سندس حفاظت جا سڀ طريقا استعمال ڪري کيس ٿاڻي تي وٺي آيا. جتي چوويهن ڪلاڪن تائين سندس جسم مان رت جون ٽيسٽون نه ورتيون ويون. ته جيئن نشي ۾ هجڻ جا اثر ختم ٿي وڃن. کيس ذهني مريضا هئڻ جو تاثر ڏيئي اسپتال مان سرٽيفڪيٽ وٺي اچڻ لاءِ موڪليو ويو. قانون اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي ته ڪنهن به چرئي ماڻهو تي قانون جا قلم لاڳو ناهن ٿيندا.پر جناح اسپتال جي ايماندار ڊاڪٽر نوتن چُني لال کيس ذهني درست قرار ڏنو .
جن ماڻهن ان وقت برگر ڪٽنب جي عورت کي سامهون ڏٺو ته هنن پڻ محسوس ڪيو ته عورت جي باڊي لينگويج ٻڌائي ٿي ته هو مڌ پيتل آهي. باقي ذهني توازن سندس سئو سيڪڙو درست آهي، ڪائي چريائپ واري ڳالھه ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آئي. پر هتي هيئن ٿيندو آهي ته بي گناهن غريب ماڻهن کي مارڻ، گاڏين ۾ چيڀاٽڻ، وڏن ماڻهن جي تفريح ۽ شوق ۾ شمار ڪيو ويندو آهي.
هي وڏا ماڻهو پڻ هن دنيا جي قانون ۾ پڇاڻن کان پالها ٿيل هوندا آهن. کين ڏوڪڙن عيوض يا ڪنهن طاقتور ماڻهو جي فون اچڻ سبب با عزت آزاد ڪري ڇڏيو ويندو آهي. ماضي جا واقعا ٻڌائين ٿا ته ظاهر جعفر، نتاشا علي محمد، شاه رخ خان جهڙا سمورا قتل جي الزامن ۾ آيل ڏوهاري، ارب پتين جي اولاد هجڻ سبب، سندن دماغي توازن بگڙيل هجڻ جا سرٽيفڪيٽ، مهانگي اگهھ ۾ بازار مان وٺي آجا ٿي اڏري هليا ويندا آهن.
بلديا فيڪٽري ۾ باهه ۾ ساڙيل اڍائي سئو جيئرا انسان، وڪيلن کي سٽي ڪورٽ ۾ ساهه منجهائيندڙ گيس جي دونهين ۾ ماريندڙ، دهشت گردن کي ڪيفر ڪردار تائين رسائيندڙ پوليس آفيسرن جا قتل، گواهي ڏين ٿا ته اهي قاتل اڄ به اسيمبلين ۾ ويٺل آهن، اڄ به قوم جا همدرد سڏجي نفيس نازڪ بڻيل آهن. هتي سدائين غربت ماري ويندي آهي، پوءِ قاضي احمد جا جلباڻي هجن، يا سڪرنڊ جا ڀنڊ هجن، يا ٽنڊي بهاول جا هاري هجن، غريب هجڻ سندن پيدائشي ڏوھ ليکيو ويندو آهي. سندن نالا شودر ۽ اڇوت رکيل هوندا آهن، جڏهن ته قاتلن جا وڏا سردار سيٺ وڏا، پيٽ وڏا، سيد مرشد، پير،۽ پاٿاريدارن جو ڪڙم قبيلو اوچي ذات وارو برھمڻ سڏبو آهي. هن ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار نون صنعتي ادارن جي ڊائريڪٽر گروپ ۾ شامل آهي، اقبال ميٽرو ڪيپيٽل لميٽيڊ، ايس ڊي اين لميٽيڊ، سوفٽ اسٽوريج اينڊ سروسز، گل احمد بائيو فلم لميٽيڊ اقبال ميٽرو سولر لميٽيڊ، ميٽرو پراپرٽي لميٽيڊ وغيره ۾ حصيدار ۽ ڊائريڪٽر آهي ڇا اهڙن ادارن کي هلائيندڙ کي ذهني مريضا چئي سگهجي ٿو؟
غريب ماڻهو پڻ خدا جي ڌرتي تي گهمندي جيئن، ساهه کڻڻ جو حق رکن ٿا کانئن اهو حق ڇو ٿو کسيو وڃي، برگر فيملين کي سزا ڏيڻ جا قانون ڪڏهن ٺهندا ڪير مٿن عمل ڪرائيندو.