سنڌ جو صوبائي تعليم وارو وزير سيد سردار علي شاھ ڪجھه ڏينهن کان وٺي تعليم کاتي ۾ بغير ٽيسٽ جي پوئين ڏھاڪن ۾ ڀرتي ٿيل استادن کان ٽيسٽ وٺڻ واري بيانبازيءَ ڪري رهيو آھي. سردار علي شاھ جو چوڻ آهي ته بغير ٽيسٽ جي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيل اُستادن سنڌ جو مستقبل تباھ ڪري ڇڏيو آھي، هاڻي انهن کي سنڌ جي مستقبل سان وڌيڪ کيڏڻ ڪو نه ڏبو ۽ انهن کان ٽيسٽ ورتي ويندي. ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ جي صورت ۾ کين سروس کان رٽائرمينٽ ڏني ويندي. نه صرف ايترو پر سردار شاھ صاحب اَھڙن استادن کي پاڻ مرادو رٽائرمينٽ وٺڻ لاءِ پڻ زور ڀري رهيو آھي.
ڏٺو وڃي ته ٽيسٽ وٺڻ ۾ ڪو حرج نه آھي، ان ۾ اُنهن اُستادن کي به نه ڪيٻائڻ گهرجي ڇاڪاڻ اُنهن ۾ جيڪڏھن قابليت آھي ته اُهي پنهنجي قابليت جي آڌار تي پاس ٿين باقي جيڪڏھن هنن ۾ ڏهاڪن وٺي درس و تدريس سان منسلڪ هئڻ باوجود به ٽيسٽ ڪواليفاءِ ڪرڻ جيتري قابليت ناهي ته پوءِ اُنهن کي پاڻَ مُرادو رٽائرمينٽ وٺي، اھڙي پيشي تان دستبردار ٿي، سنڌ جي مستقبل کي وڌيڪ تباھ ٿيڻ کان بچائڻ گهرجي. پر سوال اهو آھي ته اهڙن ماڻهن کي تعليم کاتي ۾ اُستاد جهڙي اهم قوم جي مستقبل سنوارڻ واري عهدي تي فائز ئي ڇو ڪيو ويو هو، جن جي قابليت تي خود حڪومت کي پاڻَ کي شڪ آھي؟ ياوري جيڪڏهن حڪومت کي انهن جي قابليت تي پهريان ئي شڪ هو ته پوءِ اهڙن اُستادن کان ڪجھه سال پهرين ئي ٽيسٽ ڇو نه ورتي وئي هئي جيئن گهڻي نقصان کان بچي سگهجي ها؟ ڇو ته جن اُستادن کان ٽيسٽ وٺڻ جي ڳالهھ ٿي رهي اُهي گهڻي ڀاڱي ايندڙ پنجن سالن ۾ رٽائر ٿي ويندا. پر هي ته رُڳو سِڪي جو هڪڙو پاسو آهي، ٻئي پاسي جيڪا تعليم کاتي جي آفيسن ۾ ڪرپٽ مافيا ويٺي آھي، جيڪا هڪ عام ڪلارڪ کان ويندي ٽي اِي او ۽ ڊي تائين، هڪ ننڍي توڙي وڏي، جائز توڙي ناجائز ڪم ڪرڻ لاءِ ”ريٽ لسٽ“ لڳائي ويٺل آھن، اُنهن لاءِ ڇا اسڪيم آھي؟ اُنهن لاءِ ڪهڙو مڪينزم جوڙيو ويندو؟ يا انهن جي سياسي پُٺ مضبوط هئڻ ڪري اُهي اوهان جي ڪنٽرول کان ئي ٻاهر آھن.
2021ع واري سکر آءِ بي اي جي ٽيسٽ ذريعي ڀرتي ٿيل 60 هزار اُستادن جي تعريف ڪندو رهي ٿو ۽ اُنهن ڀرتين کي سنڌ حڪومت جو ھڪ تاريخي قدم پڻ ڪوٺيندو رهي ٿو. اسان مڃون ٿا ته سردار شاھ پنهنجي پوئين دفعي وزير تعليم هوندي 2021ع ۾ سکر آءِ بي اي جي ذريعي تعليم کاتي ۾ شفاف ڀرتيون ڪرايون پر بعد اُن 2021ع واري ڀرتي پاليسي کي ايترا دفعا ته تبديل ڪيو جو ميرٽ تمام گهڻي هيٺ هلي وئي. شروعاتي پاليسي موجب 55 سيڪڙو پاسنگ مارڪون هُيون ۽ گهٽ اميدوار پاس ٿيڻ جي ڪري پاسنگ ريشو 40 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو ۽ اُن کان پوءِ ايم پي ايز جون من سپند ۽ پنهنجون يوسيون/ يونين ڪائونسلس کي ”هارڊ ايريا“ قرار ڏيئي اُتي وري 33 سيڪڙو پاسنگ مارڪون مقرر ڪيون ويون. جنهن سبب ميرٽ جو معيار تمام هيٺ ھليو ويو. هونئن به ڏسجي ته لکت جي امتحان ۾ 33سيڪڙو يا 40 سيڪڙو تي پاس ڪرڻ وري به ڪُجھه سمجھه ۾ اچي ٿو باقي ايم سي ڪيوز جي پيپر ۾ 33سيڪڙو يا 40 سيڪڙو تي پاس ڪرڻ ڪٿان جو اسٽيڊرڊ ۽ قابليت ماپڻ جو معياري طريقو آھي؟ ايم سي ڪيوز ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو پاسنگ مارڪون هجڻ گهرجن، ڇاڪاڻ ته لکت واري امتحانن جون پاسنگ مارڪون به 33 سيڪڙو مان وڌي 40 /45 سيڪڙو تي پهتيون آھن.
2021ع واري ٽيسٽ بعد سنڌ حڪومت کي پاسنگ ريشو ايتري حد تائين گهٽائڻ بعد به ڪافي تعلقن ۾ اُميدوارن جو گهڻيون جايون خالي هئڻ ڪري گهربل تعداد نه ملي سگهيو، جنهن بعد 2023ع ۾ ساڳئي سکر آءِ بي اي ذريعي سنڌ جي اَھڙن ارڙهن تعلقن کي ”ڊپرائيوڊ تعلقا“ ڄاڻائي ٻيهر ٽيسٽ ورتي وئي ۽ اُن ۾ نوجوانن ڏينهن رات محنت ڪري 80 سيڪڙو تائين مارڪون کنيون پر ڪورٽ جو اسٽي جواز ڄاڻائي تعليم کاتي اُنهن جي ڀرتي پراسيس تي گُذريل سال کان وٺي تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي ۽ اُنهن ساڳين ئي ڊپرائيوڊ تعلقن ۾ 40 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن اُميدوارن کي آرڊر ملي رهيا آھن ۽ 80 ۽70 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن اُميدوارن جو ڀرتي پراسيس هڪ سال وٺي رڪيل آھي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سردار شاھ صاحب واقعي تعليم کاتي ۾ قابل ۽ اهل استاد ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪيتري حد تائين سنجيده آھي. جيڪڏھن واقعي تعليم کاتي ۾ قابل ۽ اَهل نوجوان استاد گهرجن ٿا ته پوءِ ڊپرائيوڊ تعلقن جي 80 ۽ 70 سيڪڙو مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ڇڏي، اوهان 40 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي ترجيح ڇو ڏئي رهيا آھيو؟ سرادر شاھ صاحب کي هڪ نظر ارڙهن ڊپرائيوڊ تعلقن جي اميدوارن ڏي به ڪرڻ گهرجي جيڪي پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ 80 ۽ 70 سيڪڙو مارڪون کنيون ويٺا آھن پر اُنهن کي ڀرتي ڪرڻ بدارن ساڳئي تعلقن 40 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي ڀرتي ڪيو پيو وڃي، جيڪا سراسر اهڙن قابل نوجوانن سان زيادتي آھي ۽ ميرٽ جو سڌو سنئون قتل آھي.