سکر جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ 3 پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا

سکر /ٽنڊو مير علي(رپورٽ: آزاد مهر+ تقي محمد ملاح)سکر جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ 3 پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي غوثپور جي ڪچي مان اغوا ٿي ويا، ڌاڙيلن ٽنهي پورهيتن کي اغوا ڪرڻ جي وڊيو  به وائرل ڪري ڇڏي، وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڌاڙيلن مغوي پورهيتن نادر جمالي، راشد ملڪ ۽ وحيد ملڪ جي وارثن کي 5  ڏينهن اندر ڀُنگ ڏيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي، ايس ايس پي سکر امجد شيخ جو چوڻ آهي ته نادر جمالي جو سکر جي علائقي بچل شاهه مياڻي، راشد ۽ وحيد ملڪ جو خيرپور سان تعلق آهي، ٽئي ڄڻا سکر جي سائيٽ ايريا ۾ گيهه مل ۾ مزدوري ڪندا هئا، کين عورتاڻي آواز تي هرکائي غوثپور گهرائي اغوا ڪيو ويو، ڪشمور ۽ سکر پوليس گڏجي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.