ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي صدر ۾ پير ڪريم ٽالپر روڊ لڪي اسٽار وٽان ٻارڙي جو ٻوري ۾ بند ٿيل لاش مليو، شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ٻارڙي سان جنسي زيادتي ڪئي وئي. پوليس موجب ٻارڙي جو لاش اقبال آٽوز وٽ ڪچري جي ڍير تان مليو، ايس ايس پي سائوٿ ساجد سدوزئي موجب ٻارڙي گنگا ڌيءَ هري چند باگڙي للي برج ويجهو رهندي هئي. فرانزڪ ٽيم پهچي شاهديون گڏ ڪيون، شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ٻارڙي کي اڻڄاتل هنڌان اغوا ڪري کيس زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو ۽ تشدد ڪري لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڦٽو ڪيو ويو. پوليس اڻڄاتل جوابدارن خلاف قتل ۽ اغوا سميت ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه جو چوڻ هو ته شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ٻارڙي سان جنسي زيادتي ڪئي وئي آهي، ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا ويا آهن، موت جو سبب ڊي اين اي ۽ ٻين رپورٽن ۾ ملندو. پوليس واقعي جون حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ جاچ ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي وڏي وزير ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته کيس انتهائي افسوس آهي ته اسان جي سماج ۾ اهڙا واقعا ٿي رهيا آهن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ کي حڪم جاري ڪندي چيو آهي ته واقعي جي مڪمل جاچ ڪئي وڃي ۽ جوابدارن کي سزا ڏني وڃي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پوليس ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ سماج جي ڪمزور طبقن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف سخت ڪارروائي ڪري. هن چيو ته صوبي جي سمورن پوليس اسٽيشنن کي حڪومت جي پاليسي بابت آگاهه ڪيو وڃي.