بيروت (م ڊ) لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله پنهنجي ڪمانڊر فواد شڪر جي قتل جو پلاند وٺڻ لاءِ اسرائيل تي رات جي وقت 320 راڪيٽ ۽ 100 کان وڌيڪ ڌماڪيدار ڊرون حملا ڪيا. حزب الله اتر اسرائيل ۾ قائم مختلف شهرن تي ڊرون جهازن ۽ راڪيٽن سان حملو ڪيو، حزب الله پنهنجي حملي ۾ اسرائيلي فوجي ٺڪاڻن ۽ دفاعي نظام آئرن ڊوم کي نشانو بڻايو. حزب الله طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته اسان پنهنجي ڪمانڊر فواد شڪر جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪيا، اسان جي بدلي جو رڳو پهريون مرحلو آهي، جواب مڪمل ٿيو. حزب الله جي حملن جي جواب ۾ اسرائيلي جنگي جهازن به لبنان تي حملا شروع ڪري ڇڏيا، اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي ته اسان جي ايئر فورس جي 100 جنگي جهازن حزب الله جي راڪيٽ لانچر سائيٽس تي اڳواٽ حملا ڪري هزارين راڪيٽ حملي کان اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيا هئا.