ڪراچي ۾ گهريلو پريشانين سبب ميڊيا ورڪر آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( رپورٽر ) محمود آباد واري علائقي ۾ گهر مان نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو، پوليس ذريعن موجب نوجوان  مبيناطور پاڻ کي گولي  هڻي خودڪشي ڪئي آهي، مبينا خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي سڃاڻپ عمر فاروق طور ٿي ، نوجوان ھڪ ميڊيا اداري  جو ڊي ايس اين جي آپريٽر ھو. پوليس موجب ابتدائي جاچ ۾ ڄاڻ ملي تـ  نوجوان گهريلو پريشانين  سبب پاڻ تي فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجھايو آھي , پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان هڪ لائسنس يافته پستول سان پاڻ کي فائرنگ ڪرڻ کان اڳ پنهنجي پٽ جو خيال رکڻ لاءِ پيغام پڻ موڪليو ھو. سندس لاش ضروري ڪاروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ منتقل ڪيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.