ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي گلشن اقبال ۾ گھر مالڪ ۽ سندس پٽ جي تشدد سبب هڪ ڪرائيدار فوت ٿي ويو، پوليس گھر مالڪ ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب عزيز ڀٽي ٿاڻي جي حد گلشن اقبال بلاڪ 13 بي ۾ واقع گهر نمبر اي 86 ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. مقتول کي قانوني ڪاروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايڇ او عزيز ڀٽي شهزاد ميڊيا کي ٻڌايو ته گلشن اقبال بلاڪ 13 بي ۾ گهر جي مالڪ ۽ ڪرائيدار ۾ تڪرار هلندڙ هو ۽ گهر مالڪ معراج احمد شيخ ۽ سندس پٽ محمد شفيع ڪرائيدار انور شيخ کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گهر جي مالڪ معراج احمد ۽ سندس پٽ محمد شفيع کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او جو چوڻ هو ته گرفتار ٿيل گهر مالڪ ۽ سندس پٽ خلاف وڌيڪ قانوني ڪاروائي ڪئي پئي وڃي،پوليس ذريعن موجب گرفتار ٿيل گهر مالڪ معراج علائقي ۾ غير قانوني اڏاوتن ۾ به ملوث آهي ۽ علائقي واسين عزيز ڀٽي ٿاڻي کي اطلاع ڏنو آهي. گهر جي مالڪ خلاف به ڪيتريون ئي شڪايتون داخل ڪيون ويون، جڏهن ته ايس بي سي اي به گهر جي مالڪ خلاف شڪايتون داخل ڪيون.