پشاور ( م ڊ ) عليمه خان پاران عمران خان جي آزادي لاءِ مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، عليمه خان پشاور ۽ مردان جو دورو ڪيو، ڪارڪنن وڏي وزير ۽ ٻين اڳواڻن خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ڀيڻ عليما خان پشاور جي دوري دوران پارٽي قيادت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، پارٽي ذريعن موجب عليما خان پشاور جو دورو ڪيو آهي، جتي هن جيل ۾ قيد پارٽي اڳواڻن ۽ سندن گهرڀاتين سان ملاقاتون به ڪيون. ذريعن موجب ڪارڪنن عليما خان آڏو وڏي وزير ۽ ٻين اڳواڻن خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، عليما خان پي ڪي 83 ۾ ڪارڪنن سان ملاقات ڪري سندن شڪايتون حل ڪيون.ذريعن جو چوڻ آهي ته عليما خان سان گڏ ايم اين اي شندانا گلزار ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ خديجه شاهه به گڏ هئا، عليما خان پارٽي قيادت تي ناراضگي جو اظهار ڪيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته عليما خان دوري بابت وڏي وزير سميت ڪنهن به ڪابينا ميمبر کي اعتماد ۾ نه ورتو ۽ هن ڪارڪنن سان گڏ عمران خان جي آزادي لاءِ مهم هلائڻ جو به اعلان ڪيو. ذريعن موجب عليما خان پشاور جي تعلقي گورگھاٽيءَ جو به دورو ڪيو، پشاور کانپوءِ عليما خان مردان ۾ به پارٽي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي ۽ مقامي قيادت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.