ملڪ ۾ هاڻي ماڻهو اهو ٿا سمجهن ته بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي هٿن مان نڪري ويندا جو ماڻهن کان بنگلاديش وسري ويندو، ان ڪري جو ماڻهو باغي ٿي پيا آهن. امين گنڊاپور جي جارحيت به ڏسي سگهجي ٿي، جنهن عسڪري ادارن جي 20 ارب روپيا بجيٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ به اهو چوڻ کان نه گهٻرايو ته ڪي پي ڪي ۾ فوجي آپريشن ٿيڻ نه ڏينداسين، ۽ ”عزم استحڪام“ هاڻي ممڪن ناهي. ڳڻتي اها به آهي ته رياست نوجوانن جي شدت ۽ احساس کي محسوس نه ٿي ڪري ۽ ملڪ جو نوجوان انتهائي پريشان حال آهي، ماڻهن هاڻي جيئڻ دان گهرڻ شروع ڪيو آهي.
حيرت آهي ته جيڪو ايمان ۽ ايمانداري سياست جو رياستي استقامت ۽ ادارن جي استعمال ڪرڻ تي آهي شايد ڪنهن ٻئي ڳالهھ تي نه هجي. اهي نوجوان بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جا هجن جا تحفظ موومينٽ جا هجن، پر رياست اهو ٿي سمجهي ته اهي سڀ نوجوان به فايرپال جي زمري ۾ آهن، جيڪي فلٽر ٿي ويندا يا سڀاڻي ڊليٽ ٿي ختم ٿي ويندا. ان ڪري ته رياست کي ڪا به شيءِ عزيز ناهي، نه هن ملڪ جو نوجوان، نه ايمانداري واري سياست، نه مذهبي فرقن جي استقامت ۽ نه ئي سياسي ٺاپر. راولپنڊي ڪنسپائيريسي ڪيس کانپوءِ 9 مئي جا واقعا ۽ انهن جي پويان ڪنسپائريسي سخت ٿي وئي آهي. ان ڪري جو شين جي پويان شيون لڪيل آهن ۽ رياست کي درد اهو ناهي ته سياست بگڙي وئي آهي يا اڃان به شديد خراب ٿي سگهي ٿي. پر انهن کي رڳو ان ڳالهھ ماريو ته جنرل حميد ڪنهن به قسم جي ڪا حرفت يا ٽولي بازي ۾ اچي هڪ سول اڳواڻ جي پويان ملڪ جي ناموس کي خراب نه ڪري ها. نون ليگ جي مطابق اهو به آهي ته 9 مئي وچ ۾ نه اچي ها ته هي ملڪ کي راڪيٽ ڪري ڇڏين ها. جيئن هاڻي پي ٽي آءِ جي ياد تازي ڪري ڇڏي اٿن، جيڪي پنهنجي دور ۾ به رڳو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ڪندا هيا، اهي هاڻي به نون ليگ جي ليگسي ڇڏي ويا آهن، جيڪي رڳو پنجاب پنجاب پئي ڪري. ڇو ته شهبازشريف به مريم نواز جي زبان تي ٿو هلي ۽ نوازشريف کي به رڳو پنجاب جي رياست ۽ سياست کپي، ان ڪري صحت ڪارڊ به انهن کي، بسن جا پروجيڪٽ به پهرين انهن کي، بجلي سستي به پهرين انهن کي. حلانڪ 2600 ميگاواٽ بجلي ٿر مان کنيون ٿا وڃن ۽ صنعتن جا فائدا وري به پنجاب کي، روزگار به پنجاب کي، ماڻهو خوشحال به پنجاب جا ۽ ذريعا ڀلي سنڌ بلوچستان جا هجن معدني وسيلا ڀلي سنڌ بلوچستان جا هجن پر ٻنهي هٿن سان کائيندو رڳو پنجاب.
عسڪري ادارن جڏهن عمران خان کي مٿي آندو يا دادلو ڪري پيش ڪيائون ته تڏهن عمران خان ۽ ان جي پويان ڪي پي ڪي جي پولرائيزڊ عسڪري قيادت نظر نه آئي. پر هاڻي جڏهن پاڻي نڪ تي چڙهي آيو ۽ شيون ڪنٽرول مان نڪري ويون ته اهي سڀ هاڻي ادارن کي ڏسڻ ۾ اچي ويون، جو ملڪي ايجنسي کي به ائين لڳو ڄڻ اکين تي پٽي ٻڌي پئي هلي. ان ساڳي زمري ۾ عام ماڻهن جي آڊيو ٽيپ ڪرڻ کان وٺي انٽرينيٽ جي قبضي جا سنباها آهن جنهن ذريعي ماڻهن کي ڪنٽرول ڪندا ۽ هڪ اڌ مثال به بڻائي ڏيکاريندا ته ڪيئن انهن ماڻهن کي سزايافتا ڪيائون، جيڪي رياست، عسڪري ادارن، ايوان ۽ عدالتن جي خلاف ڪم ڪندا هيا، اهي بي نقاب ٿي ويا ۽ هاڻي ڪير به اهڙي چال نه هلي سگهندو، ڪنهن مان ملڪي ناموس ۽ عسڪري عزت ۾ ڪا گهٽتائي به اچي سگهي ٿي.
نيب جي قانون ۾ 500 ملين کان مٿي جي ڪرپشن معاف آهي يا ڪير ان جي پڇاڳاڇا نه ٿو ڪري سگهي. لڳ ڀڳ 2600 ڪيس پينڊنگ ۾ پيا آهن، جن جي ڪا واهر ناهي. پر هن رياست کي سڀ کان پهرين ۽ تڪڙا ڪيس اهي اڪلائڻا آهن جن ۾ القادر يونيورسٽي جو 190 ملين پائونڊ جو ڪيس هجي، جنهن ۾ هاڻي ملڪ رياض به وڪڙ ۾ ڦاسي سگهي ٿو. جنهن جي لاءِ ادارن ملڪ رياض جو رستو سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري رڳو جنرل فيض حميد نه هيو پر جسٽس بنديال سان گڏ 20 ٻيا به جسٽس آهن، جيڪي راولپنڊي ڪنسپائريسي ڪيس وانگي هن ۾ ملوث هيا جنهن ۾ 20 ٻيا رٽائرڊ جنرل به شامل آهن ۽ پوءِ سولين الائي جي ڪيترا جيڪي انهن جي سلطاني شاهديءَ ۾ انهن جي نروار ٿيندا.
جنرل مشرف ڀلي آرٽيڪل 6 ٽوڙي مروڙي پر عدالتون ان جي مري وڃڻ کانپوءِ ان جو ڪيس اٿلايو ۽ آرٽيڪل 6 جي انحرافي ۽ ٽوڙڻ جي عيوض ان جنرل مشرف کي سزا ٻڌائي. پر هاڻي ممڪن آهي ته جنرل حميد جي 30 سالن واري پروجيڪٽ سبب سولين مان اهڙي ڪنهن مهري کي ٻاهر ڪڍي اچن، جيڪو بين الاقوامي ايجنڊا تي پيو ڪم ڪري، انهن جي ايجنڊا ۾ ملڪي عسڪري ادارن ۽ عسڪري قيادت کي ڪاپاري نقصان پهچائڻو هيو ۽ اهي بين الاقوامي ايجنسين جي ڪلهن تي سوار ٿي ملڪ کي وري ڪنهن کڏ ۾ اڇلائڻ وارا هيا، اها ڳالھه به لڪيل ناهي ته 9 مئي جي سانحي پويان پي ٽي آءِ قيادت پاڻ بيٺي هئي، جنهن پنهنجي ڪارڪنن کي هشي ڏني ته عسڪري ادارن جي سربراهن جي گهرن تي چڙهائي ڪيو. ان ڪري ته عمران خان جي تخت ڪيرائڻ ۾ انهن جو هٿ هيو ۽ اهي بس بدلو وٺندا.
حالتون هتي انتها درجي جون خراب ٿي ويون آهن. ظاهرن اهو ٿو ڏسجي ته مٿين مهيني ۾ آءِ ايم ايف جو 7 ارب ڊالر جو پيڪيج ملندو، جنهن ۾ حڪومت ”مِني بيجٽ“ ڏئي ويندي، يا شهبازشريف جي سرڪار کي ڪو خطرو ناهي، ان ڪري هاڻي ڪو به اهڙو فيصلو جنهن ۾ مخصوص سيٽون هجن يا عمران خان جي خلاف توشاخانا جا نوان ڪيس هجن. نڪاح ۽ عدت وارو مسئلو ته حل ٿي ويو ۽ انگريزن جي 1939 واري نڪاح ۽ خلع واري اسلامي قانون کان مٿانهين قانوني شق عمران خان جي جان ڇڏائي وئي، هاڻي فارين فنڊنگ ۽ القادر يونيورسٽي سميت توشاخا جي ڪيس ۽ ڊجيٽل دهشتگردي واري چال ۾ هي پي ٽي آءِ وارا ڦاسي ويندا. ان ڪري سائيفر وارو معاملو اڃان حل ناهي ٿيو ته آخر ڪوڙو ڪير آهي. جڏهن کان هي ملڪ آزاد ٿيو آهي، تڏهن کان سياستدانن کي آزاد ناهي ڏٺو ۽ هر اهو سياستدان جيڪو ڪرسي تان لهي ٿو اهو سڌو سنئون جيل يا ٻاهرين ملڪ هليو ٿو وڃي.
ڪجھه ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته جنرل فيض حميد يا پي ٽي آءِ جي قيادت ملڪ ۾ صدارتي راڄ قائم ڪرڻ وارا هيا، ان ڪري انهن جي پلاننگ ۾ اهو به هيو ته اهي ادارن کي خوار خراب ڪري، پنهنجي حصي جي سياست ڄمائيندا ۽ جيڪو چاهين ٿا اهو ڪري ويندا. ان ڪري جو بنديال سميت اندر ئي اندر هنن سان ڪيترائي ٻيا ادارا ۽ سياسي طاقتون به شامل هيون، ته اهي هاڻي ۾ ملڪ ۾ ڪو وڏو انقلاب برپا ڪندا، جيڪو عام ماڻهن جي سمجھه کان مٿي هوندو. جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي سربراھ جي چال اها به هئي ته ”اي وي ايم“ (اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين) آئي ته هو ڊجيٽل ٺڳيون ڪري مسلسل چونڊون کٽي ويندو، جنهن جي ڪنهن کي ٻڙڪ نه پوندي. جئين هاڻي سنڌين سان ڊجيٽل ٺڳي ڪئي وئي آهي، جنهن هنن تڪڙي آدم شماري ڪرائي رڳو اردو ڳالهائڻ وارن کي گهڻو ڄاڻايو آهي.