ٻيجل سنڌي جو وڇوڙو

تحرير: غفار ميرجت

ڪن ماڻھن جو وڇوڙو ان جي خاندان، دوستن يا علائقي واسين کي جدائي جو وڍ ڏيندو آھي پر  ٻيجل جي وڇوڙي سڄي سنڌ کي وڇوڙي جو وڍ ڏنو آھي. ٻيجل جو اصل نالو خالد محمود هيو سندس والد جو نالو عثمان علي خاصخيلي هو. ٻيجل جو جنم 2 فيبروري 1963ع تي ٽنڊي الهيار ۾ ٿيو ، سندن اصل ڳوٺ ڪوٽ مير جان محمد ( روشن آباد) تعلقو ڊگهڙي ضلعو ميرپورخاص آهي. ٻيجل سنڌي پرائمري جي تعليم ٽنڊي محمد خان جي ڀٽي محلي اسڪول مان، مئٽرڪ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊي محمد خان مان، ۽ انٽر مير غلام علي ٽالپر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪئي. سندس والد روينيو کاتي ۾ ملازم هو ٻيجل پرائمري اسڪول جي زماني کان ڪلام جهونگاريندو هيو ان ڪري اسڪول جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڳائڻ لاءِ سڏايو ويندو هو، نه رڳو اسڪولن پر جنهن ڪنهن علائقي ۾ ڪو پروگرام ٿيندو هو ته ٻيجل سنڌي کي ڳائڻ لاءِ سڏايو ويندو هو.

ائين ئي ھڪ ڪچهري ۾ 1981ع ۾ سندس آواز کان متاثر ٿي سنڌ جي نامياري دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر سندس نالو ’ٻيجل سنڌي‘ رکيو ۽ کيس سائين جي. ايم سيد سان ملايو. هو جيئي سنڌ لطيف سنگت حيدرآباد ڊويزن جو پهريون ڊويزنل آرگنائيزر مقرر ٿيو. ٻيجل سنڌي 17 آڪٽوبر 1984ع ۾ پيش آيل ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو نه رڳو اسير رهيو، پر مٿس سياسي سرگرمين جي ڪري بغاوت جي مقدمن سميت ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيا. جنهن سبب وڏو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريائين، روپوشيءَ جي انهيءَ عرصي دوران سندس والد جو لاڏاڻو ٿي ويو ۽ والد جو آخري ديدار نه ڪري سگهيو. سياسي جدوجهد دوران لڳ ڀڳ ٽي سال جيل ياترا به ڪيائين. ٻيجل سنڌي سياسي جدوجهد ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگت، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ پورهيت سنگت ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلهاڙيل رهيو.جڏهن ٻيجل ڪنهن جلسي ۾ قومي گيت جهونگاريندو هيو ته سامهون ويٺل اٿي کيس داد ڏيندا هيا.  هن جا چونڊ گيت قومي ڪارڪنن جي دل ۾ نئين جوت جلائيندا هيا.

ٻيجل ڪل وقتي قومي ڪارڪن هيو هن شايد اهو سمجهي ورتو هيو ته غلامي نيٺ غلامي آھي، جيستائين اها موجود آھي ان وقت تائين غلام جو حق آھي ته ان مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري

ٻيجل سنڌي قوم کي غلامي مان نجات ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. عام طور جڏھن ڪنهن ماڻھوءَ جي ورثي جو ذڪر ڪيو ويندو آھي ته سندس خاندان لاءِ گڏيل ڪيل مال ملڪيت زمين جائداد کي ڳڻيو ويندو آھي پر ٻيجل سنڌي جهڙي با اصول با اخلاق سچار قومي ڪارڪن قومي راڳي جي گڏ ڪيل ميراث مسڪين ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي بدن کي لڳل مٽي وڏي ۾ وڏي ميراث آھي غلام قوم کي نجات ڏيارڻ لاءِ ڪيل اوڄاڳا وڏي ميراث آھن ،قومي شعور پيدا ڪرڻ راڳ جو پهريون آلاپ وڏي ميراث آھي.ٻيجل آدرشن وارو انسان هو، جڏھن سندس جسم مان طاقت ڇڏائي وئي تڏھن ڪنهن حڪمران کي مدد جي اپيل ڪرڻ بجاءِ دوستن کي چيائين ته مون کي اسپتال کان ڪڍي سن ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي مزار تي کڻي هلو جتي آءُ پنهنجي قومي رهبر جي مزار جي پيراندي کان مٿو ٽيڪي زندگي جا باقي بچيل پل سڪون حاصل ڪري پنهنجي سنڌ ڌرتي جي هنج ۾ ھميشه لاءِ آرامي ٿيان .

عبدالواحد آريسر هڪ هنڌ لکيو آھي اسان جي سنڌ ۾ هيءَ روايت مشھور آھي ته دودي سومري جي شھادت کان پوءَ سنڌ جي هڪڙي قبيلي (جنهن کي ريٻاري سڏيو وڃي ٿو ) انهن قسم کنيو هو ته ” جيستائين اسان دودي جي ڌرتيءَ تان دودي جي دشمن کي ناس نه ڪنداسين تيستائين ڪارو ويس پائيندا رهنداسين. ۽ ان قبيلي جا مرد توڙي عوتون اڄ تائين ڪارو ويس ئي پائيندا آھن.

۽ اهڙي قَسمُ مهاراجا پرتاب سنگهه جي هٿيار ٺاهيندڙ قبيلي (جنهن کي ڪاريا سڏيو وڃي ٿو) کنيو هيو ته جيستائين اسان مهاراجا پرتاب سنگهه جي دشمنن مغلن کي ناس نه ڪنداسين تيستائين ٿانون ۾ ماني نه کائينداسين.کٽ تي نه سمهنداسين. ۽ سٺو گهر ٺاهي نه ويهنداسين ۽ هو ان وقت تائين ان تي عمل ڪندا رهيا جيستائين 1947ع ۾ ھندستان آزاد ٿيو ۽ جواهر لعل نهروءَ  چتواڙا اچي ان قبيلي جي ماڻھن کي گهرائي اعلان ڪيو ته هاڻي هندستان تي حڪومت مهاراجا پرتاب سنگهه جي آھي ڌاريا سڀ ختم ٿي ويا آھن ان ڪري سُوءَ ختم ڪرايو.

سنڌين کي به اهڙي قسم جو عهد ڪري ان تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي ته جيستائين هي غلامانه نظام ختم نٿو ٿئي ڪرپٽ حڪمراني ختم نٿي ٿئي قوم  کي پنهنجا حق نٿا ملن تيستائين قومي جدوجهد جاري رهندي ، ڇو ته هي سڀ ڪلور غلامي جي ڪري ٿي رهيا آھن قومي راڳي، شاعر. سياسي سماجي اڳواڻ هن غلامي واري نظام ۾ قدرتي وسيلن سان مالامال سنڌ جا وارث بک ۽ غربت جي ڪري بيمارين جي ور چڙهي ختم ٿي رهيا آھن ..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.