نريندر مودي جو يوڪرين جو دور ايترو اھم ڇو بڻجي ويو ؟

ھندستان جو وزيراعظم نريندر مودي جمعي واري ڏينھن يوڪرين جي دوري تي پهچي ويو، جنھن سان ڪجهه هفتا اڳ روس ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات  ڪئي ھئي. مودي جو تازو دورو ان ڪري اهم آهي، ڇاڪاڻ جو  يوڪرين ۽ ڪجهه اولھھ جي ملڪن مودي جي جولاءِ  ۾ روس جي دوري تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو ھو. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي خاص طور تي سخت تنقيد ڪئي هئي، هن چيو ھو ته "دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي سربراهه کي ماسڪو ۾ ڏسي، سڀ کان وڏي ڏوھاري سان ڀاڪر پائي ملندي ڏسي مايوس ٿي.” تھ پوءِ ڇا مودي زيلنسڪي ۽ اولھھ جي اڳواڻن کي خوش ڪرڻ لاءِ يوڪرين جو دورو ڪري رھيو آھي ؟ اھو مڪمل  درست نه آھي. اها حيرت جي ڳالهه ناهي ته هندستان ٻن حريف ملڪن يا بلاڪن جي تڪرار باوجود انھن سان لاڳاپا برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي .عرصي کان غيرجانبدار رھڻ جي مشھور سفارتي حڪمت عملي، جنهن کي ’اڻ ڌري “ چيو  وڃي ٿو. ان ھندستان کي ڪافي فائدوپھچايو آھي.

هندستاني وزيراعظم جو يوڪرين جو پهريون دورو هوندو، جنھن مان اهو پيغام ڏيڻ آهي ته جيتوڻيڪ هندستان جا لڳاپا روس سان مضبوط آھن،تنھن ھوندي بھ ھو اولھھ سان ويجھا لاڳاپا رکڻ چاھي ٿو. آمريڪا جي ھڪ ماھر مائيڪل ڪگلمين موجب مودي جو دورو هندستان جي اسٽريٽجڪ خودمختياري ڏيکارڻ جي ڪوشش آهي. ھن چيو تھ ھندستان اولھھ جي طاقتن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪم نٿو ڪري.تازي دوري جو مقصد هندستان جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ آھي.پر دوري جو وقت اھو ضرور ظاهر ڪري ٿو ته هندستاني سفارتڪارن مودي جي روس جي دوري بعد  آمريڪي تنقيد ۽ ردعمل کي اھميت ڏني. ياد رهي ته يوڪرين جنگ کان پوءِ  ھندوستان روس تي سڌي ريت تنقيدکان پاسو ڪيو آهي، جنهن تي اولھھ جون طاقتون ناراض آهن. جولاءِ ۾ مودي هڪ اهڙي وقت  ۾ روس جو دورو ڪيو هو جڏهن يوڪرين ۾ روسي بمباري کانپوءِ 41 ماڻهو مارجي ويا هئا. ڪيف ۾ ٻارن جي اسپتال تي به بمباري ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ عالمي سطح تي روس جي مذمت ڪئي وئي.

نريندر مودي چيو ته ٻارن جو قتل دردناڪ هو پر روس کي ذميوار قرار ڏيڻ تائين معاملو نھ پھتو ھو. هاڻوڪي دور ۾ پڻ  مودي ان پوزيشن تان پوئتي نه هٽندو. ٻئي طرف آمريڪا ۽ اولھھ جي ملڪن هندستان جي ان موقف کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جنهن جي پويان هندستان ۽ روس جا پراڻا لاڳاپا ۽ دهلي جو روسي هٿيارن ۽ سامان تي ڀاڙڻ جو راز لڪيل آهي. ھندستان دنيا ۾ سڀ کان وڏو هٿيار درآمد ڪندڙ ملڪ آهي. جيتوڻيڪ تازو هندستان دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مقامي صنعت کي ترقي ڏيڻ شروع ڪئي آهي، پر سندس دفاعي ضرورتن جو 50 سيڪڙو کان وڌيڪ روس پورو ڪري ٿو.

ھندستان روسي تيل جي درآمد ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي ۽ عالمي پابندين کانپوءِ ماسڪو طرفان آڇيل سستي اگھھ جو ڀرپور فائدو ورتو آهي. گذريل سال روس کان سڀ کان وڌيڪ تيل خريد ڪيو.ھو

آمريڪا ۽ ٻين اولھھ ملڪن جي  زور ڀرڻ باوجود يوڪرين جي جنگ واري معاملي تي واضح موقف اختيار ڪري، پر هندستان تي ڪو وڏو دٻاءُ نه وڌو ويو ۽ نه ئي ڪنهن پابندين جو اشارو ڏنو ويو. اولھھ جي دنيا هندستان کي چين جي مقابلي ۾ هڪ طاقت جي طور تي ڏسي ٿي، جيڪا دنيا جي پنجين وڏي معيشت ۽ پڻ ڪاروبار لاءِ  وڏي منڊي آهي.

مائيڪل ڪگلمين موجب اولھھ جا ملڪ مودي جي دوري کي مثبت انداز ۾ ڏسندا ڇاڪاڻ جو نيو دهلي سڀني ڌرين سان گڏجي ھلڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.ھن اھو پڻ چيو تھ مودي کي اهو پيغام ڏيڻ جي به ضرورت آهي ته هو روس ڏانهن ايترو بھ گھڻو جھڪاءَ نٿو رکي. ۽ اهو ضروري بھ آهي ڇو ته هندستان اولهه سان لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي، خاص طور تي آمريڪا سان لاڳاپن جي بهتري جي رجحان کي خراب ڪرڻ نه چاهيندو. هندستان کي به اولھھ جي دنيا جي ضرورت آهي جيئن هن جا حريف چين ۽ روس ڪجھھ سالن ۾ پنهنجا لاڳاپا مضبوط ڪيا آهن. دهلي ڊگهي عرصي کان ماسڪو کي هڪ طاقت جي طور تي ڏٺو آهي جنھن سان ضرورت وقت  چين تي دٻاءُ وجهي سگهي.

ڪيترن ئي هندستاني تجزيه نگارن دليل ڏنو آهي ته مودي هڪ امڪاني امن ساز طور اڀري سگهي ٿو، ان جي پويان اولهه ۽ روس ٻنهي سان هندستان جا ويجها لاڳاپا آهن.بهرحال، اهو ممڪن ناهي ته مودي هڪ امن منصوبي بابت ڳالهائيندو. ڪجھه ماھرن جو خيال آھي تھ ھندستان ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت پسند نٿو ڪري، جي ائين ھجي تھ پوءِ  سڀ کان اھم ڪشمير جو مسئلو آهي ۽ ان خيال جي حامي ماھرن موجب مودي روس ۽ يوڪرين جي سرچاءِ تي اتفاق ڪرڻ تائين ڪا اھڙي ڳالھھ نھ چوريندو.شايد ھن مرحلي تي اھو ممڪن نھ آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.