لنڊن پلان، معاشي بحران ۽ سياسي عدم استحڪام جو سبب

تحرير: حفيظ الله نيازي

گذريل ڇهن ڏهاڪن کان ملڪ جي سياسي اٿل پٿل ۽ تحريڪن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. ڳالھه جو مقصد، ڪنهن به حڪومت خلاف رستن تي اچجي، آمريڪي اثر رسوخ مدد لاءِ ايندو آھي. 75 سالن کان آمريڪا پاڪستان ۾ سياسي عدم استحڪام کي پسند ڪيو آهي، هندستاني آسودگيءَ اضافي آهي. ”عمران خان“ شخصيتن، واقعن کي مسخ ڪري، ٽوڙي مروڙي يا يوٽرن وٺي، واقعن تي موقف بار بار تبديل ڪري، کيس سھولت  ُاتم درجي جي موجود آھي.مجال آھي جو  28 سالن جي سياست ۾ ان صورتحال ۾ لچڪ، شرمندگيءَ ۽ افسوس ڪا رڪاوٽ بڻي هجي.

فوجي قيادت کي ملڪي سياست جو ”مجازي خدا“ سمجهان ٿو. قهاري، غفاري، قدوسي ۽ جبروت گڏوگڏ بي پناھ طاقت، اهي سڀ عنصر ھجن تھ هڪ آرمي چيف بڻجي ٿو. جنرل باجوه پنهنجي ڇهن سالن جي دور ۾ انهن سمورن عنصرن جو ڀرپور استعمال ڪيو.آخري  ڏينهن ۾ جنرل عاصم منير جي مقرري روڪرائڻ جا سمورا جتن ڪيا، پنهنجي اداري جي به پرواهه نه ڪئي. ملڪي تاريخ ۾ جنرل باجوه جو ڪردار مڪاري، ٺڳي ۽ ڪوڙ سان ڀريل آهي. جيئن ڪنھن سياسي حڪومت جي خرابيءَ جو مڪمل ذميوار حڪومت جو سربراهه هوندو آهي، ان گھڻو وڌيڪ عسڪري اداري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسڻ جو به ذميوار پڻ  اداري جو سربراهه هوندو آهي. اداري طرفان موقف آهي ته ”جنرل باجوا جي مدد سان جنرل فيض عمران خان  NEXUS  پڪڙ ۾ آيو“. ماسٽر مائينڊ معصوم آهي، عقل ان ڳالهه کي مڃڻ کان قاصر آهي. مملڪت کي عمران خان جھڙي بلا جي حوالي ڪرڻ، باجوه فيض پلان ئي هو، جنرل فيض کي ان منصوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو ئي سمجهيو ويندو، ٻھ رايا نھ آھن، جنرل باجوه کي في الوقت نظرانداز ڪرڻ بهترين حڪمت عملي آهي، مان ان جي حمايت ڪندس.

گذريل هفتي پنهنجي ڪالمن ۽ ٽي وي پروگرامن ۾ پنهنجي پوڻي ٻن سالن واري موقف کي ورجايو ته ”جنرل عاصم  منير جي مقرري الله تعاليٰ ڪئي آهي“. سموري ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تحريڪ انصاف ڏڦيڙ مچائي ڇڏيو،ڪفر تائين جي فتوا  ھڻي ڇڏي، بالڪل! جنرل عاصم جو آرمي چيف ٿيڻ عقل کان مٿاھون ۽ اڻ ٿيڻو واقعو ئي ھو. سمورا زميني خدا، باجماعت مقتدرا، عالمي طاقتن، عاصم منير جي مقرري کي روڪڻ لاءِ ڪھڙا ڪھڙا جتن نھ ڪيا.  6 نومبر 2022ع تي موسمياتي تبديلي  ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان لاءِ جهاز تي سوار ٿيو ئي ھو، بلڪھ ٽوئيٽ بھ ڪري ڇڏي ھئي ته ” پاڪستان واپس اچي رهيو آهيان“ ڪھڙي مجبوري ھئي جو ٻئي ئي لمحي ڪنهن ٻئي ملڪ جي جهاز ۾ سوار ٿيڻ جي ڪجهھ ڪلاڪن بعد  جنرل عاصم جي مقرري کي روڪڻ لاءِ لنڊن پهچي ويو هو.

ٻئي طرف عمران خان مقرري روڪرائڻ جي لاءِ ڀرپور  رٿابندي ڪري ورتي. پهرين نومبر جي راولپنڊي لانگ مارچ جو مقصد اهوئي هو. عمران خان جي ناڪام ڌرڻن، لانگ مارچن جو وسيع تجربو، هن ڀيري ناڪامي کان بچڻ لاءِ نئون فارمولو متعارف ڪرايو. درجنين جلسن ۾ شرڪت ڪندڙن کان حلف ورتو تھ مقرري روڪرائڻ جي لاءِ جان مال سڀ ڪجھھ قربان ڪرڻو آھي. جهاد اڪبر جو نالو ڏئي ڇڏيو. ان کان اڳ جڏهن ارشد شريف کي 23 آڪٽوبر تي قتل ڪيو ويو ته عمران خان ويڙھيل لفظن ۾ ايجنسين جي سربراهن کي ان جو ذميوار قرار ڏنو هو. منهنجي خيال ۾ ارشد شريف جي قتل جو مقصد لانگ مارچ کي گرمائڻ ۽  ڪامياب بڻائڻ هو.

پهرين نومبر تي لانگ مارچ شروع ٿيو ته ماڻهن  ڇوليون ھڻندڙ سمنڊ هميشه وانگر ”غير موجود“ هو. وزيرآباد ۾ عمران خان تي مهارت سان حملو ٿيو، گولين ڪنٽينر جي شيلڊ کي ڦاڙي ٽڪرن جي صورت ۾ عمران خان ۽ ٻين ساٿين کي لڳيون، منهنجي آخري راءِ آهي ته عمران خان تي قاتلاڻو حملو ملڪ ۾ گهرو ويڙهه لاءِ هو ته جيئن مارشل لا لڳائڻ ممڪن ٿئي. عمران خان کي حملي جي اڳواٽ ڄاڻ هئي، برملا انڪشاف ڪري چڪو هو، چئن ماڻهن کي سڃاڻڻ جي دعويٰ ڪري رھيو ھو..ٽئين ڏينهن جنرل باجوه پنجاب جي وڏي وزير جي پٽ راسخ الاهي جي فون تي عمران خان جي طبيعت معلوم ڪئي ۽ پوءِ اداري جا ٽي نالا ٻڌايا جيڪي مبينا طور تي حملي ۾ ملوث ٿي سگهيا پئي. جڏهن ته چئن نالن جي وڊيو عمران خان موجب ”لنڊن رکائي وئي ته جيئن دستاويز رهي“.

سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ هڪ يقين نھ ڪرڻ جھڙو واقعو ٻڌايو. آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ تحريڪ انصاف، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت  گڏجي ڪري  جنرل باجوه کي ٻيھر مدي ۾ واڌ جو عزم ورجايو. چشم فلڪ ڏٺو ته اهم سياسي اڳواڻ لنڊن ۾ ويٺل آهن، جنرل عاصم منير جي مقرري کي روڪرائڻ ۽ ڪنهن ٽئين شخص کي آرمي چيف بڻائڻ جون تجويزون ڏئي رهيا ھئا! خبر ھئي تھ! لنڊن ۾ جتي اسان جي قومي اڳواڻن جو ديرو ڄميل ھو، اتي آمريڪي عملدار به موجود، جڏهن ته شاھ سلمان جو پيغام کڻي سعودي وزير قدم بھ قدم سڀ باجماعت جنرل عاصم جي مقرري کي روڪرائڻ تي متفق ھئا.

ويسارجو نه! آڪٽوبر 2022ع ۾ عمران خان به ڪمال جي نرڄائي  سان”مير جعفر“  کي ٻي واڌ ڏيڻ جو وڏي زور سان مطالبو ڪيو، بقول جنرل نديم انجم ” جنرل باجوه کي تاحيات آرمي چيف رکڻ تي زور ڏنو“ بعد ۾ هڪ وقت اهڙو به آيو جو مايوسيءَ ۾ مون کي صدر عارف علوي سان گڏ نوٽيفڪيشن سان کيڏڻو پيو ھو. پردي جي پويان، هڪ ڪردار اھڙو پڻ هو، جيڪو اسڪرپٽ رائيٽر ۽ ڊائريڪٽر هو. پنهنجو مستقبل داءُ تي لڳائي، جنرل عاصم جي مستقبل کي ڊاهڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو هو، اڪثر ڪردار سندس ئي استعمال ۾ هئا.اڄ ڪلھھ پنھنجي ڪئي جي سزا ڀوڳي رھيو آھي.ڪو ٻڌاءِ ته جنرل عاصم جو ڪهڙو ڏوھ  هو جو، مقرري روڪرائڻ لاءِ زمانو گردش ۾ ھو.

ڪنهن ڪنھن ڪٿي ڪٿي مقرري روڪرائڻ جي لاءِ ڪهڙي ڪھڙيءَ رٿابنديءَ نھ ڪئي ؟ اڪيلو نواز شريف بمقابلا  پنهنجي ئي پارٽيءَ، ملڪي مقتدرا  جو دٻاءُ، پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جو اتفاق، بين الاقوامي اثر ۽ رسوخ، اهو ڪيئن ڪامياب ٿيو؟ ته الله تعاليٰ هي عهدو پنهنجي هٿ ۾ ورتو هو.عمران خان! جنرل عاصم جي مقرري لنڊن پلان نه، پر الله جو پلان هو. عمران خان جي مبهم تقرير واري انداز جو اندازو لڳائڻ منهنجي لاءِ ممڪن ناهي. مان عمران خان کان صرف ٻه ڳالهيون پڇڻ چاهيان ٿو. ڇا عمران خان پنهنجي مداحن کي ٻڌائڻ چاهيندو انهن چئن ماڻهن جا نالا جن قتل جي سازش ڪئي؟ اھي ڪير آهن ان کانپوءِ 35 پنڪچرن وانگر ڪنڌ لوڏيو فرمائي ڇڏيندو تھ، اھي چار ماڻهن  سياسي اسٽنٽ هو، جيڪو باجوه ۽ فيض فيڊ ڪيا ھئا.

عمران خان ”لنڊن پلان“ جي مقصد، نوعيت ۽ اصليت ۽ ان ۾ ملوث ڪردارن جا تفصيل به ٻڌائيندو يا ان چاهيندڙن کي ان کان محروم رکندو؟ جنرل فيض جي گرفتاري ملڪ جي سياسي ۽ فوجي تاريخ ۾ هڪ اهڙي ڀوئچال آهي، جنهن جا آفٽر شاڪس رڪجڻ جو نالو نھ پيا وٺن. گرفتاريءَ فيصلي جي گهڙيءَ کي سر تي کڻي آئي آھي. هر ُڌر ”آر يا پار“  جي ڪناري تي آھي. فيض حميد جيڪڏھن پنھنجو  پروجيڪٽ ڊسمينٽل ڪري مون کي 2017 جو پراڻو پاڪستان واپس ڪري ڇڏي تھ الله کي گواھ بڻائي چوان ٿو تھ ھن جي جان بخشي جي لاِءِ وسان نھ گھٽائيندس. جيتوڻيڪ قومي  ڏوهي  خدا جا ڏوھي آھن، انھن جي اصل انجام جي خبر رڳو الله ئي ڄاڻي ٿو!

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.