لاهور (م ڊ) پنجاب جي اطلاعات واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري عليما خان ۽ رئوف حسن جي واٽس اپ چيٽ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پارٽي تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڀاڄائي ۽ نڻان جي وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي. هڪ بيان ۾ عظميٰ بخاري چيو ته مذهبي ۽ غداري وارو ڪارڊ کيڏڻ کانپوءِ هاڻ مظلوميت وارو ڪارڊ کيڏيو پيو وڃي، هي پارٽي ملڪ ۾ افراتفري پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي.پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته پي ٽي آءِ جو باني مظلوم ٿي عوام جون همدرديون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪڏهن معافي ٿو گهري ته ڪڏهن برطانوي وزيراعظم کي جيل مان ڪڍڻ لاءِ اپيل ٿو ڪري.