اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اظهر مشواڻي جي گم ٿيل ڀائرن جي ڪيس ۾ حڪومتي ادارن کي افسوس جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب اظهر مشواڻي جي ٻن گم ٿيل ڀائرن جي بازيابيءَ لاءِ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي لاءِ هڪ صفحن تي ٻڌل حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو ته 6 جون کان گم ٿيل اظهر مشواڻي جي ڀائرن بابت ڪا به خبر ناهي، ان حوالي سان حڪومتي ادارن جي بي حسي افسوس جوڳي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته اٽارني جنرل ان معاملي تي وزيراعظم سان ملاقات جو ڪندو، حڪومت عدالت آڏو ڪمزور جواب ڏنو، عدالت کي اميد ناهي ته ملڪ جو چيف ايگزيڪيوٽو ان ڪيس طرف ڌيان ڏيندو. ان معاملي ۾ ڌرين جي بي حسي افسوس جوڳي آهي، درخواستگذار جي وڪيل جا جزوي دليل مڪمل ٿي چڪا آهن، ايندڙ ٻڌڻي تي بئنچ آڏو ڪيس مقرر ڪيو وڃي.