اسلام آباد(م ڊ) يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ملازمن احتجاج ڪيو، سرگوڌا جي تعلقي ڀلوال ۾ يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ خلاف ملازمن احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي.ڊي آءِ خان ۾ به ملازمن يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ خلاف جي پي او چوڪ تي احتجاج ڪيو. ڪريڪ ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي لازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.احتجاج ڪندڙن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ هزارين ملازمن جو معاشي قتل آهي، اهو فيصلو واپس ورتو وڃي، مظاهرين واعدو ڪيو ته يوٽيلٽي اسٽورز بند نه ٿيڻ ڏينداسين.
-
يوٽيلٽي اسٽورز جي نئين سر جوڙجڪ ڪريون پيا: راڻا تنوير
اسلام آباد(م ڊ) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته حڪومت جي مثبت قدمن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي، سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ٽيڪس نظام کي آسان ڪيو پيو وڃي ۽ عوام کي فائدو پهچائڻ لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ملڪي معيشت جي بحاليءَ لاءِ سياسي استحڪام انتهائي ضروري آهي، هڪ نااهل شخص کي مڙهيو ويو هو جنهن ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو، وفاقي وزير چيو ته شڪايتون هيون ته يوٽيلٽي اسٽورن جي سبسڊي جو فائدو مڪمل طور تي عوام تائين نه پيو پهچي، ڪجهه ملازم ان ۾ ملوث هئا ۽ ڪجهه آفيسرن جا نالا به ان ۾ هئا جيڪي سبسڊي وٺي رهيا هئا، تنهن ڪري اهو آڻڻ ضروري هو ته يوٽيلٽي اسٽورن ۾ آندا وڃن، سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي، ان ڪري سڌارن لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.