دادو ۾ چانڊيا- برهماڻي تڪرار تان 2 ڄڻا مارجي ويا، ڌريون مورچا بند، ڌرڻو

دادو(رپورٽ: غوث جهتيال) دادو جي ڳوٺ پاٽ شريف ويجهو زرعي زمين تان چانڊيا ۽ برهماڻي برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار سبب چانڊيا برادري جي فائرنگ ۾ برهماڻي قبيلي جا 2 ڄڻا گوليون لڳڻ ڪري قتل ٿي ويا،  واقعي بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون، مقتولن جي سڃاڻپ عابد برهماڻي ۽ خان محمد برهماڻي طور ٿي آهي، هوڏانهن مقتول ڌر جي ماڻهن مخدوم بلاول ٿاڻي جي حد ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو آهي جنهن ڪري لاڙڪاني کان ڪراچي ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، مظاهرين جو چوڻ هو ته گلشير چانڊيو جي ڌر حملو ڪري اسان جا بيگناهه ماڻهو قتل ڪيا آهن پوليس کي بروقت اطلاع ڪيوسين پر پوليس بروقت موقعي تي نه پهچي سگهي جنهن ڪري انساني جانين جو نقصان ٿيو آهي، مظاهرين وڌيڪ چيو ته اسان جي احتجاج جو نوٽيس ورتو وڃي، ٻٽي قتل واقعي جو اڃان تائين ڪيس داخل نه ٿيو آهي جڏهن ته پوليس جي سخت پهري هيٺ مارجي ويل نوجوانن جا لاش پوسٽ مارٽم جي لاءِ دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال آڻڻ لاءِ پوليس جو وارثن سان رابطو آخري اطلاعن تائين مقتولن جا لاش اڃان تائين جهيڙي واري هنڌ پيل آهن، هوڏانهن ايس ايس پي دادو (ر) ڪئپٽن امير سعود مگسي رابطي تي ٻڌايو ته ضلعي دادو ۾ قبائلي تڪرارن سبب جاني نقصان ٿي پيو ان لاءِ پوليس پاران ڪوششون ورتيون پيون وڃن ته جيئن قبائلي تڪرارن سبب رتو ڇاڻ کي روڪڻ ۾ ڪاميابي ٿئي، هن چيو ته دادو جي ڪچي واري علائقي ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو پڻ پوليس جي ورتل ڪوششن سان عمل ۾ آيو آهي اهڙي طرح پاٽ واري علائقي ۾ چانڊيه ۽ برهماڻي برادري وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو عملي طرح خاتمو چاهيون ٿا جنهن لاءِ پوليس پاران حڪمت عملي جوڙي وڃي پئي جلد هن تڪرار کي ختم ڪرائڻ لاءَ ڌرين جي سردارن ۽ علائقي جي نيڪ مردن چونڊيل نمائندن سان رابطا تيز ڪري هن تڪرار جو به خاتمو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.