اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جي رئوف حسن سان واٽس ايپ چيٽ نئون پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ عليما خان جي پارٽي ۾ اثر رسوخ، بشرا بي بي سان تڪرار ۽ ڪوڙ تي ٻڌل داستان ٺاهڻ ۽ پروموشن جا انڪشاف ڪندڙ حقيقتون سامهون آيون آهن. ذريعن موجب رئوف حسن جي فون جي فرانزڪ تجزيي ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 23 جون تي عليما خان رئوف حسن کي واٽس اپ ميسيج موڪليو هو. عليما خان رئوف حسن کي بشرا بي بي نالي موڪليل واٽس ايپ پيغام ۾ پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات ۽ روئڻ واري واقعي کي بيان ڪيو، عليما خان رئوف حسن کي موڪليل پيغام ۾ چيو ته بشرا بي بي جو هي پيغام بيوقوفي آهي، بشرا بي بي جو هي ڊس انفارميشن سيل ماڻهن کي ڀڙڪائي رهيو آهي، هن پيغام کي عام نه ڪيو وڃي، هن رئوف حسن کي هدايت ڪئي ته عمران خان بشرا سان اهڙي ڪابه ڳالهه نه ڪئي آهي، بشرا کي اڪيلي ملڻ نه ڏنو ويو.پيغام ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ جيلر وچ ۾ ڪوڙي ڳالهه ٻولهه کي بنياد بڻائي عمران خان جي موت جي پروپيگنڊا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته مون (پي ٽي آءِ باني) کي خبر آهي ته توهان (جيلر) مون کي مارڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. جيڪڏهن مون (پي ٽي آءِ باني) کي ماريو ويو ماڻهو توهان (جيلر) کي نه ڇڏيندا.بشرا بي بي سان منسوب پيغام ۾ آرمي چيف کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ”مون (پي ٽي آءِ باني) کي خبر آهي ته عاصم منير هن وقت منهنجون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي“.سياسي تجزيه نگارن موجب عليما خان پاران رئوف حسن کي موڪليل اهي پيغام ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهيا آهن، بشرا بي بي کي پارٽيءَ تي قبضو ڪرڻ جي جنگ ۾ همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي واقعي جي ضرورت آهي، جيڪا سندس پاڻمرادي ٺاهيل بيانيي مان واضح ٿئي ٿي. حقيقتن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته بشرا بي بي ۽ عليما خان جي وچ ۾ پارٽيءَ تي ڪنٽرول لاءِ ويڙهه جاري آهي ۽ ٻنهي وچ ۾ ڪافي ڇڪتاڻ آهي.