اسلام آباد(عبدالقيوم صديقي+احمد منصور)سنڌ ۾ به جنرل(ر)فيض حميد جي نيٽ ورڪ جو انڪشاف،نيٽ ورڪ ۾ سويلين ايجنٽ،سويلين ادارن جا ماڻهو شامل هئا، ان نيٽ ورڪ ذريعي آصف علي زرداري،فريال ٽالپر،خورشيد شاهه ۽ ٻين خلاف نيب ڪيسن جي سلسلي ۾ انهن جي علائقن جي فرنٽ مين،ويجهن ساٿين ۽ واپارين کي به رڳڙي ۾ آندو ويو،واپارين کي بليڪ ميل ڪري پئسا اوڳاڙيا ويا، ان ڪهاڻي ۾ سبط الله ميمڻ جو نالو سامهون اچي رهيو آهي جنهن ٻورين ۽ بيگ ڀري ڪروڙين رپيا ورتا آهن،100 کان وڌيڪ متاثر واپارين۽ صنعتڪارن جو تعلق ڪراچي، حيدرآباد سان آهي، ڪراچي جي هڪ صنعتڪار کان 10 ڪروڙ ورتا ويا،جوابدارن جي واردات جو طريقو اهو هوندو هو ته سياستدان خلاف نيب ڪيس ۾ واپاري جي سموري خاندان جا نالا ڏئي اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا،آءِ ايس آءِ جي هڪ رٽائرڊ ڪرنل بهرام وڏو پئسو ٺاهيو،ٻيو ڪردار اياز مهر جو آهي جنهن آصف زرداري ۽ هن جي ويجهن ساٿين خلاف ڪارروايون ڪيون، هن اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ جي آسري تي موجوده صوبائي وزير علي حسن زرداري ۽ سهيل انور سيال کان 50 ڪروڙ وٺي فيض نيٽ ورڪ کي پهچايا بعد ۾ آصف زرداري ٻنهي کي ڇنڊ پٽي ته توهان پئسا ڇو ڏنا ۽ آصف زرداري اياز مهر کان اهي پئسا واپس وٺرايا، ويجهي ماضي ۾ اياز مهر کي اغوا ڪيو ويو جنهن لکت ۾ انهن پئسن جي ڪيل سيڙپڪاري جو حوال ٻڌائي ڇڏيو،ڪراچي جي هڪ بلڊر کان 8 ڪروڙ رپيا ورتا ويا پر ان جي باوجود هن جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍيو ويو، ان قصي ۾ نيب آفيسرن جو به ڪردار آهي،