سنڌ جو مهان قومي راڳي ٻيجل سنڌي هميشه لاءِ وڇڙي ويو

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو) سنڌ جو مهان قومي راڳي ٻيجل سنڌي ڪئنسر جي بيماري سان جنگ جهيڙيندي هميشه لاءِ وڇڙي ويو، مڙهه پيپلز ڪالوني واري رهائشگاهه تي پهچڻ بعد هزارين قومپرست  ڪارڪن ۽ علائقي جا رهواسي گڏ ٿي ويا ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو. آلين اکين سان کيس وري ٽنڊو محمد خان واري رهائشگاهه کان مڙهه کي پيرشافو قبرستان ۾ مٽيءِ ماءَ حوالي ڪيو ويو . سندس جنازي ۾ جسقم بشير قريشي گروپ جي مرڪزي صدر صنعان خان قريشي، جسقم آريسر گروپ جي اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاهه ڀاڏائي، جيئي سنڌ پارٽي جي نواز خان زنئور ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڊاڪٽر احمد نوناري، قومي تحريڪ جي ڪامريڊ محمد راهمون، سنڌ هاري ڪميٽي صدر ثمر حيدر جتوئي، ڊاڪٽر دودو مهري، قومپرست پارٽي جي دودو ديشي، سنڌي ادبي سنگت جي اعظم ڀٽي، تاريخ دان مشڪور ڦلڪارو ، ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، اڪرم سومرو، پ پ ايم پي اي اعجاز حسين شاهه بخاري، پ ٽ الف سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي صدر شفيع محمد سٺيو، پ پ جي مير سجاد ٽالپر، انور خاصخيلي، سنڌ جو ناليوارو راڳي وقار ملاح، راڳي جانب بلاولي ۽ وسيم حيدري سميت مقامي  هزارين قومي ڪارڪنن، قومپرست اڳواڻن ۽ علائقي جي رهواسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي قومپرست پارٽين طرفان سڄي سنڌ ۾ 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌي ادبي سنگت طرفان قومي راڳي ٻيجل سنڌي جي وڇوڙي کي سنڌ جي قومي راڳ لاءِ وڏو سانحو قرار ڏئي 3 ڏينهن سڄي سنڌ ۾ سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيپلز ڪالوني واري رهائشگاهه تي تعزيتن لاءِ تڏو وڇايو ويو آهي. ٻيجل سنڌي پنهنجي پويان هڪ بيواهه، ٻه پٽ صوفي حامد ، صوفي ساجد سوڳوار ڇڏيا آهن. سنڌ جو مهان قومي راڳي ٻيجل سنڌي 1963ع ۾ ٽنڊي الهيار جي غريب آباد پاڙي ۾ روينيو هيڊڪلارڪ لطيف جي پارکو صوفي عثمان علي جي گهر ۾ جنم ورتو هو. ٻئي طرف سنڌ جي قومپرست اڳواڻن صنعان قريشي، ڊاڪٽر قادر مگسي، اياز لطيف پليجو، رياض چانڊيو، اسلم خيرپوري، نواز خان زئور ، دودو ديشي ۽ ٻين ٻيجل سنڌي جي وڇوڙي کي سنڌ جي قومي راڳ لاءِ وڏو سانحو قرار ڏئي ڇڏيو آهي چيو آهي ته ٻيجل سنڌي پوري حياتي سنڌ کي ارپي ڇڏي پر افسوس ته سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي طرفان سندس ڪا به پرگهور نه لڌي ۽ نه وري سندس سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو ويو. ياد رهي ته ٻيجل سنڌي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان جي مختلف اسپتالن مان علاج ڪرايو پر سندس زندگي وفا نه ڪئي، ٻيجل سنڌي سنڌ مرڪي پئي گيت کي الڳ انداز ۾ ڳائي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مڃتا ماڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.