بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو) بدين ۾ پ پ مخالف اتحاد قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪرپشن ۽ انتقامي ڪارروائين خلاف جدوجھد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان بدين ۾ شھري اتحاد جي ڪنوينر خليفي طارق عزيز ميمڻ جي صدارت ۾ ضلع جي سياسي سماجي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنھن ۾ ماتلي مان ايم اين اي جي چونڊ وڙھندڙ مير حسين بخش ٽالپر، دلبر سنڌي، خدا ڏنو شاھه، شاھنواز سيال، محمد بچل احمداڻي، ايڊووڪيٽ سانول گوپانگ، عاشق خواجه، محمد اقبال ميمڻ، آبلاڻي دانش نور سومرو، فيصل چيمه انيس ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سياسي ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارروائيون ڪرڻ ۽ عوام جي بنيادي انساني حقن جي پيسن جي بدترين ڪرپشن ڪرڻ خلاف ضلع سطح تي اتحاد ٺاھڻ جو حتمي فيصلو ڪيو ويو جنھن تحت 4 سيپٽمبر تي اتحاد جو نالو ۽ باڊي جو اعلان ڪيو ويندو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته بدين ضلعي ۾ بدترين ڪرپشن جاري آھي، جنهن خلاف آواز اٿاريندڙ سياسي سماجي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مٿن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، جڏھن ته ضلع ڪائونسل، ميونسپل ڪميٽين، ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسلن ۾ ايندڙ فنڊن کي بيدردي سان لٽيو پيو وڃي جنھن ڪري عوام بنيادي انساني حقن کان محروم آهي.ھنن چيو ته سرڪاري ڪامورا عوام جا خادم ھئڻ بدران پ پ اڳواڻن جا نوڪر بڻيل آھن، جنھن ڪري تعليم، صحت، پاڻي، صفائي سميت بنيادي حقن جا ادارا تباھ ٿي ويا آھن، ھنن چيو ته جڙندڙ اتحاد عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ روڊن رستن تي سخت جدوجھد شروع ڪرڻ کانسواءِ عدالتن ۾ پڻ ڪرپشن، لٽ مار ۽ سياسي انتقامي ڪارروائين خلاف آواز بلند ڪندو.