تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ) تنگواڻي واسي اغوا ٿيل پرائمري استاد مهرالله ملڪ جو ڌاڙيلن زنجيرن سان ٻڌي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي. وڊيو وائرل ٿيڻ بعد وارث پريشان ٿي ويا آهن. ڌاڙيلن پاران مغوي جي آزادي عيوض 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته ڪجه ڏينهن اڳ پرائمري استاد مهرالله ملڪ کي ڪشمور دوکي سان گهرائي اغوا ڪيو ويو هو. مغوين جي وارثن چيو آهي ته انتهائي غريب آهيون اسان کي ڪجهه به نه آهي، ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيون. هنن ايس ايس پي ڪشمورايٽ ڪنڌڪوٽ بشيراحمد بروھي کان مطالبو ڪيو آهي ته مغوي کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.