پشين ( م ڊ ) بلوچستان جي ضلعي پشين ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ٻارڙا ۽ هڪ عورت مارجي وئي.پوليس موجب ڌماڪو پشين ۾ پوليس لائن ڀرسان بازار ۾ ٿيو، ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو، جڏهن ته ڌماڪي سان ڀرسان بيٺل گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي ۽ ٻيون گاڏيون پڻ تباهه ٿي ويون.پوليس تصديق ڪئي آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻا فوت ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي زخمين ۾ 4 پوليس اهلڪار به شامل آهن، 13 زخمين کي ابتدائي طبي امداد بعد ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي، لاش پشين اسپتال منتقل ڪيا ويا، ڌماڪي ۾ سخت زخمي ٿيل عورت کي نازڪ حالت ۾ ٽراما سينٽرل ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو، جتي هوءَ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي.ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون موقعي تي پهچي ويون، زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو آهي، ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪئي پئي وڃي.هوانهن وزيراعظم شهباز شريف ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف پشين ڌماڪي تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ننڍڙن ٻارن تي حملا ڪندڙ بزدل دهشتگرد انسان سڏائڻ جي لائق نه آهن، ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. وزيراعظم چيو ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، واقعي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪري کين سزا ڏني وڃي.