اسلام آباد (م ڊ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير سينيٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته دنيا ۾ ڪٿي به ناهي ته سڀ کان وڌيڪ سينيئر شخص کي ئي عهدو ڏيڻ لازمي هجي. ڪنهن جي ڪاميابي تي عمر جي حد نه هڻڻ گهرجي، آئيني ترميم ۾ چيف جسٽس جي مقرري جو معاملو منهنجي نظر مان ناهي گذريو. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته عدليه جا جيڪي به فيصلا هوندا آهن، اهي ائين هوندا آهن جو ڪو چوندو آهي ته آئيني آهي ڪو چوندو آهي ته آئين کان ٻاهر آهي، جهڙا عدليه جا فيصلا اچي رهيا آهن، آئيني ترميم ملڪ جي ضرورت آهي. آئين کي ابتو سبتو ڪري ٻه تڪراري فيصلا تسلسل سان اچي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جا ججز ئي فيصلن تي تنقيد ڪن ٿا، فيصلن جي شڪل ۾ واضح اختلاف نظر اچي رهيو آهي ان لاءِ نئين ترتيب جي ضرورت آهي، اها اسان جي خواهش ناهي، آئين ۽ قانون ۾ ڪجهه شين کي ڪرڻو پوندو.
-
عطا تارڙ جي پي ٽي آءِ ۾ گروهه بندي جي دعويٰ
اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات واري وزير عطا تارڙ پي ٽي آءِ تي سخت تنقيد ڪندي ان کي ڏڦيڙ جي تحريڪ قرار ڏنو ۽ ان ۾ گروهه بندي ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته تحريڪ انتشار ملڪ کي نقصان پهچائڻ جي سياست ڪري رهي آهي، نفرت جي سياست جو انجام سٺو نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته اڄ عمران خان جي ڀيڻ عليما خان جي ترجمان پي ٽي آءِ رئوف حسن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه سامهون آئي. وفاقي وزير چيو ته بشريٰ بي بي همدردي لاءِ ڪوڙ ۽ هٿ ٺوڪيو بيانيو پکيڙي رهي آهي، تحريڪ انتشار ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڊس انفارميشن سيل هلي رهي آهي. پي ٽي آءِ تي قبضي جي جنگ جاري آهي.