صدر زرداري مولانا فضل الرحمان پهچي ويو، قانون سازي تي مشاورت

اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف زرداري جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪري امڪاني قانون  سازي بابت تفصيلي مشاورت ڪئي آهي.صدر آصف علي زرداري ڪالهه اسلام آباد ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو، ان دوران مولانا فضل الرحمان صدر جو استقبال ڪيو، ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به موجود هو.ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات دوران صدر آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمان کي بندوق جو تحفو پيش ڪيو.ذريعن موجب اجلاس ۾ ايندڙ هفتي ٿيڻ واري امڪاني قانون سازي تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ جي يو آءِ جي حڪمران اتحاد سان خدشن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.هڪ ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب ملاقات ۾ موجود ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ ۽ حڪمران اتحاد وچ ۾ فاصلا گهٽجي رهيا آهن، آصف علي زرداري رياست جو سربراهه بڻجي ملاقات لاءِ آيو، ان دوران گهرو وزير محسن نقوي جو صدر سان گڏ هجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته رياست جي يو آءِ جي خدشن کي سنجيدگي سان وٺي رهي آهي.جي يو آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته رياست اسان جا خدشا دور ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ چاهي ٿي. هڪ سوال ته هاڻي جي يو آءِ اپوزيشن جي حمايت ڪندي يا حڪمران اتحاد جو حصو ٿيندي؟ ان جي جواب ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته جي يو آءِ وٽ آپشنز موجود آهن، اڃا ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، پر جي يو آءِ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام بدران تعميري ڪردار ادا ڪرڻ کي ترجيح ڏيندي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اجلاس به ٿيندا.ياد رهي ته وفاقي حڪومت 28 آگسٽ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي گڏيل اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.