اهم قانون سازي لاءِ حڪومت وٽ نمبر پورا نه هئڻ جو انڪشاف

اسلام آباد(نجم سيٺي)حڪومت سمورن سرڪاري ملازمن جي رٽائرمينٽ جي عمر 3 سال وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو مدو ڏيڍ سال تائين وڌي ويندو،باقي ججن جي رٽائرمينٽ  جي عمر به وڌي ويندي،جسٽس منصور علي شاهه کي به ٽي سال ملي ويندا،ڪو به اعتراض نه ڪندو،جڏهن ته چيف جسٽس جي مقرري لاءِ پنج سينئر ججن مان ڪو هڪ چونڊيو  ويندو،ذريعن موجب گهربل قانون سازي لاءِ حڪومت وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ناهي،نمبر پورا ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ ٻن ڏينهن جو وقت آهي، اٺ ڏهه ميمبرن لاءِ حڪومت پي ٽي آءِ ميمبرن سان رابطو ڪري سگهي ٿي،عمران خان کي خدشو آهي ته اهو ٿي سگهي ٿو پر هو انهن ميمبرن خلاف ڪارروائي به نٿو ڪري سگهي،حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ پاران پي ٽي آءِ جا ميمبر ٽوڙڻ لاءِ ڪوشش جاري آهي،

  • پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ نئون بل پيش نٿو ٿي سگهي

اسلام آباد(عمر چيما) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪو به نئون بل پيش نٿو ڪري سگهجي،آئيني ترميم لاءِ پهرين قومي اسيمبلي مان بل منظور ڪرائڻو پوندو بعد ۾ اهو سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو،ان لاءِ ٻه  ڀاڱي ٽي اڪثريت گهربل هوندي آهي،قانون واري وزير ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته ڪا به آئيني ترميم اچي رهي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.