اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ ڪنهن به جڊيشل پيڪيج يا آئيني ترميم آڻڻ جي ترديد ڪندي چيو آهي ته گڏيل اجلاس ۾ آئيني ترميم نٿي آڻي سگهجي جڏهن ته ان کان اڳ به گڏجاڻين ۾ ان حوالي سان ڪو ذڪر ناهي ٿيو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس گهرائڻ واري معاملي تي سندس چوڻ هو ته اهو روٽين جو اجلاس هوندو ڇو ته ڏينهن پورا ڪرڻا هوندا. نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عطا تارڙ وضاحت ڪئي ته گڏيل اجلاس ۾ ڪو نئون بل نٿو آڻي سگهجي، پر پراڻن بلن تي غور ڪري سگهجي ٿو. قومي اسيمبلي اجلاس جي حوالي سان هن چيو ته اجلاس ۾ ڪجهه اهڙا بل منظور ڪرڻا آهن جيڪي اڳوڻي صدر عارف علوي جي دور کان لٽڪيل آهن. عطا تارڙ چيو ته ججن جي ملازمت وارو مدو وڌائڻ واري معاملي تي ڪو غور ناهي ڪيو ويو. اڃا نئين چيف جسٽس جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ان حوالي سان جيڪي افواهه ۽ اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن اهي حقيقت نه آهن.