اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) اسلام آباد حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب وفاقي حڪومت 28 آگسٽ تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن کي گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ميمبرن کي گڏيل اجلاس ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ٻئي طرف قومي اسيمبلي جو نائين اجلاس 26 آگسٽ تي طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.