اوٻاوڙو (رپورٽ: بشير احمد ملڪ) اوٻاوڙو ويجهو ڪچي واري علائقي ماڇڪي ۾ لاپتا پوليس اهلڪار احمد نواز کي اغوا ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڌاڙيلن پوليس اهلڪار جي وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي. مغوي اهلڪار جو چوڻ آهي ته آءِ جي ۽ مريم نواز ڌاڙيلن جا مطالبا پورا ڪن نه ته هي مون کي قتل ڪري ڇڏيندا، گهرڀاتي ڪجهه ڪن ۽ مون کي بازياب ڪرائين. ٻئي پاسي لياقت پور ۾ مغوي اهلڪار جي وارثن ۽ علائقي واسين احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته حڪومت اهلڪار جي بازيابي لاءِ اپاءَ وٺي. ياد رهي ته 2 ڏينهن اڳ ماڇڪو ٿاڻي جي حد فتح پور ۾ ڌاڙيلن 12 اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو، جتان احمد نواز کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ هاڻي ان جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي.